ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ڀرسان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ 200 ساٿين سميت نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويو. ڳوٺ اگهم وساڻ ۾ نواز ليگ اڳواڻ سيد شاھ زمان شاه جي مان ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي تحريڪ انصاف تعلقي مٽياري جو صدر محمد اسماعيل سومرو پنهنجي 200 ساٿين سميت پي ٽي آئي کي الوداع چئي نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نواز لیگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ محمد اسماعيل سومرو جو چوڻ هو ته جھموريت کي بچائڻ لاء نوازشريف شھباز شريف سيد شاه محمد شاه ۽ شاه زمان شاه جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي پارٽي کي مٽياري ضلعي اندر منظم ڪنداسون ۽ غير جھموري قوتن جي رستا ڪنداسين آجياڻي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ سيد شاه زمان شاه چيو ته فقير محمد اسماعيل سومرو سان پراڻا تعلقات آھن کيس مسلم ليگ ن ۾ شموليت تي ڀلي ڪار ڪيون ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ ن سدائين ملڪ جي ترقي خوشحالي ۽ امن لاء ڪم ڪيو آھي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو ، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالفتاح ڳاهوٽي، ايس يو پي اڳواڻ شڪور ناز خاصخيلي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير حامد قريشي، منصور ڀنيون، سرداراياز  ميمڻ، گل محمد کوسو ۽ ٻيا به موجود هئا.