مٽياري/ڀٽ شاھه(رپورٽر+ن پ ا) ڀٽ شاھه جي شيخ برادري پاران نوجوان جي گرفتاري خلاف قومي شاهراهه تي احتجاج ڪري روڊ بند ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي غلام حسين، محبوب علي، شير، مسمات دادلي، ڀاڳل شيخ ۽ ٻين ڪئي، قومي شاهراهه تي احتجاج سبب سوين گاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافر سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا،مظاهرين دانهيندي چيو ته سي آئي اي پوليس اسان جي نوجوان 22 ورهين جي معشوق شيخ کي شهر مان بيگناھ گرفتار ڪري کڻي وئي آهي نوجوان ڪنهن به غلط ڪم ۾ ملوث نه آهي پوليس ملڻ به نٿي ڏئي، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺن بيگناھ گرفتار ڪيل نوجوان معشوق شيخ کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.