ڀٽ شاھ (ن پ ا)  ضلعي انتظاميه مٽياري پاران منعقد ڪيل پهريون مينگو اينڊ هينڊيڪرافٽس ايڪسپو پڄاڻي تي پھتو، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن احسان علي قريشي تقريب ۾ مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي، جانورن جي نمائش، انبن، دستڪاري جا اسٽال گھميا ۽ مالوندن ۽ هنرمندن جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ، ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر علي شاهه، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نور احمد کهرو، سنڌ انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ جي سي اي او  خضر پرويز،  ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن امير بخش سهتو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت ضمير سرهيو،  ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رفيق جمالي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر رياض لغاري سميت ٻيا عملدار موجود هئا، ڪمشنر حيدرآباد احسن علي قريشي  خطاب ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿو،  ايڪسپو ۾ انبن ۽ دستڪاري جا اسٽال ،ٻارن جا سائنسي ماڊل دل کي وڻيا، اڳ ۾ صرف ميرپورخاص اندر مينگو  فيسٽيول لڳندو هو، هاڻي مٽياري ۾ به اهڙو فيسٽيول ڪرڻ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي، سموري ڊويزن ۾ اهڙا پروگرام منعقد ڪرايا ويندا ، انب جي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ آبادگارن کي موقعا ڏيڻا پوندا .ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ  چيو ته  ايندڙ سال هن کان وڏي پيماني ايڪسپو لڳايو ويندو، ضلعي ۾ پهريون ڀيرو ڪارپوريٽ سيڪٽر جي طرز تي ايڪسپو لڳايو ويو آهي جيڪا ضلعي جي عوام لاءِ  فخر جي ڳالهه آهي. پڄاڻي واري تقريب ۾ پهرين ايڪسپو منعقد ڪرڻ لا بهترين ڪارڪردگي پيش ڪندڙ آبادگارن، هارين، هنرمندن، ميڊيا جي نمائندن ۽ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن کي يادگار شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

 ميلي جي پڄاڻي تي دنبوري جي تند سان شاهه لطيف جي وائي پيش

ڀٽ شاھ :ا تقريب ۾ شاھ لطيف جي راڳي فقيرن پاران دنبوري جي تند سان شاھ جي وائي پيش ڪئي وئي، جڏهن ته اسڪولي ٻارڙن طرفان ٽيبلوز به پيش ڪيا ويا، ڪمشنر حيدرآباد احسن علي قريشي پاران تاڙيون وڄائي ٻارڙن کي داد ڏنو ويو.

 

ڀلوڙ ۽ خوبصورت ٻڪرين جي نمائش ڪندڙ مالوندن کي به ايوارڊ ڏنا ويا

ڀٽ شاھ: آبادگارن،  مالوندن، هنرمندن کي انبن جا ڀلوڙ قسم  ۽ خوبصورت ٻڪريون ۽ دستڪاري جا بهترين اسٽال سجائڻ تي ايوارڊ ڏنا ويا، انھن ۾ مير علي اڪبر ٽالپر، حاجي ادل ابڙيجو، شفيع محمد ڏاهري، سيد نديم شاھ، حاجي نورالدین ميمڻ، حب علي ورياه، تاج محمد سنگراسي، سيد سجاد علي شاهه، مشتاق جمالي ۽ ملڪ فاروق احمد ۽ ٻيا شامل هئا.

مينگو ۽ هينڊي ڪرافٽس ايڪسپو ۾ عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ

ڀٽ شاھ: ڀٽ شاھ ۾ منعقد ڪيل فرسٽ مينگو ۽ هينڊي ڪرافٽس ايڪسپو جي ٻي ڏينهن تي به مردن سان گڏ عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  اسٽالن تي انبن جي مختلف جنسن سميت هٿ جي هنر جي اسٽالن تي پھچي تفريح حاصل ڪيو، شهرين جو چوڻ هو ته ڀٽ شاھ جي نگري ۾ ايڪسپو بهترين قدم آهي اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن، جنهن سان عوام کي بهترين تفريح حاصل ٿئي ٿو.

ايڪسپو ۾ عوام جي وڏي دلچسپي، هٿ جي هنرن، انبن جي جنسن ۽ ڀرت جي اسٽالن تي رش

ڀٽ شاھ: سخت گرمي باوجود ايڪسپو ۾ عوام جي وڏي دلچسپي، هٿ جي هنرن، انبن جي جنسن، جنڊي، ڪاشي، ڀرت جي اسٽالن تي وڏي رش لڳل آهي.