ڀٽ شاهه (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عابد قمر شيخ ۽ اينٽي انڪروچمنٽ عملدارن وي آءِ پي روڊ، درگاهه روڊ، ڪراڙ ڍنڍ، ٽنڊو آدم روڊ ، الله والا چوڪ، شاهي بازار، چودگي روڊ ۽ ٻين هنڌن تي ڪرين مشين سان حددخلين کي هٽرايو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اي سي هالا جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق سڄي سنڌ جيان مٽياري ضلعي ۾ انڪروچمنٽ هٽائڻ جو ڪم جاري آهي ۽ روزاني جي بنياد تي اهو سلسلو جاري رهندو ۽ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ڪنهن به قبضا مافيا يا ناجائز حد دخليون ڪندڙ سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.