ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ۾ جسقم پاران قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ سنڌو دريا مٿان ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڪارڪنن پاران محمد جمن لاکو، نياز لغاري، فهيم چانڊيو، شڪور جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دنبورا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي جسقم آريسر گروپ جي اڳواڻن پاران فوري طور ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺڻ ۽ قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو دريا مٿان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ڪئنال ٺاهي سنڌ جون زمينون بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پنهنجي ڌرتي خاطر آواز اٿارڻ تي ڪارڪن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي فوري طور تي ڪئنالن جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪري سنڌ مان احساس محرومي ختم ڪئي وڃي،