ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين رانا محمد عثمان راجپوت ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاري خلاف شهرين ۽ راجپوت برادري طرفان احتجاج ريلي ڪڍي دنبورا چوڪ تي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،مظاهري ۾ شامل اڳواڻن ٽائون ڪميٽي جي وائيس چئيرمين رانا محمد عثمان راجپوت ،دوڪاندار ايسوسيئيشن جي صدر لالا خير محمد راهو، جنرل سيڪريٽري محمد سرور راجپوت، رانا فرمان علي راجپوت ،رانا غلام نبي راجپوت ، حيدر ڀٽي، ذوالفقار راجپوت، رانا اقبال ۽ ٻين چيو ته ڀٽ شاه پوليس شريف شھرين لاء آزار بڻجي وئي آھي، ٿاڻي تي جيڪو شھري دڪاندار ڪنهن دوست مائٽ جي ڪم سان وڃي ته ايس ايچ او ان تي ڪيس داخل ڪري ڇڏي ٿو، ، هنن چيو ته سروري جماعت جي روحاني پيشوا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ،صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ،آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ٿا ڪيون ته نااهل ايس ايچ او خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ نيشنل هاوي بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو.