ڀٽ شاھه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ڀرسان ڳوٺ محمود شاهاڻي ۾ اوچتو باھه ڀرڪي پئي، ٽنڊو آدم تعلقي جي حد ۾ لڳل باهه سبب عبدالحفيظ شاهاڻي جي گهر  ۾ موجود سندس درويش پٽ 22 سالن جو نوجوان حسين بخش شاهاڻي سڙي فوت ٿي ويو. ٻيا گهرڀاتي گهر  ۾ موجود نه هئا. جڏهن ته باھه سبب هنڌ بسترا ڪڻڪ ۽ گهر ۾ پيل لکين رپين جو ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، نوجوان درويش جي سڙي فوت ٿيڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، باھه تي ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ ڪنٽرول ڪيو ويو جڏهن ته ڳوٺاڻن موجب اطلاع تي اڳوڻي صوبائي وزير فراز احمد ڏيرو پاران فائر برگيڊ گاڏي موڪلي وئي جنهن پڻ پهچي باھه وسائڻ م مدد ڪئي، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ درويش نوجوان سڙي فوت ٿي چڪو هو ۽ قيمتي سامان به سڙي رک ٿي ويو، باھه جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ڳوٺاڻن پاران اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي غريب ڳوٺاڻي جي سهائتا جي اپيل ڪئي وئي آهي.