ڀٽ شاھه(ن پ ا) ڀٽ شاھه گرفتار ڪيل رفيق خاصخيلي جي وارثن پاران پوليس تي تشدد جو الزام لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڀٽ شاھ پوليس طرفان تشدد جا الزام رد ڪيا ويا آهن نوجوان کي علاج لاءِ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو خاصخيلي برادري جي معزز ۽ جي يو آئي اڳواڻ سليم سنڌي جو چوڻ آهي ته ڀٽ شاھ پوليس گذريل رات اسان جي نوجوان رفيق خاصخيلي کي تشدد ڪري بيهوش ڪيو آهي پوليس جي تشدد سبب نوجوان جي طبيعت خراب آهي جنهن کي ڀٽ شاھ صحت مرڪز کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي پوليس جي تشدد سبب پيٽ ۾ لت لڳڻ ڪري اسان جي نوجوان جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي اعلا عملدارن کي نوٽيس وٺن ٻي صورت ۾ ڀٽ شاھ پوليس خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين ٻي پاسي ايس ايڇ او ڀٽ شاھ نوجوان تي تشدد جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ايس ايڇ او محمد جمن کوسو جو موقف بيان ڪندي چيو آهي ته گرفتار ٿيل رفيق خاصخيلي ڪيس ۾ نامزد جوابدار آهي جنهن کي پيٽ ۾ پٿري آهي جنهن ڪري ان کي سور پيو آهي پوليس طرفان رفيق خاصخيلي مٿان ڪو به تشدد نه ڪيو ويو آهي ڀلي ان جو الٽرا سائونڊ يا ٽيسٽ ڪرائي وڃي ڪا تشدد ناهي جوابدار مٿان کوسا برادري طرفان ايف آئي آر داخل ڪرايل آهي پوليس تي سمورا الزام بي بنياد آهن،