ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ڀرسان ڳوٺ بهاول کوسو ۾ گهرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي باھه سبب ڳوٺاڻن ڦوٽو کوسو، نوشراڻ کوسو ۽ ٻين جا گهر سڙي رک ٿي ويا آهن گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، ڪڻڪ، کٽون، 2 ٻڪريون ۽ ٻيو گهر جو لکين رپين جي ماليت جو سمورو سامان سڙي ويو علائقي واسين پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت باھه وسائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون فائر برگيڊ جي گاڏي نه پھتي، ڳوٺاڻن جو الهه تلهه مڪمل طور تي سڙي ويو متاثر ڳوٺاڻن پاران انتظاميا کان فوري طور تي مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي، متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته غريب ۽ مسڪين آهيون مال به سڙي ويو آهي گهرن ۾ ڪجهه به نه بچيو آهي جيڪو ڪجهه هو سڀ سڙي رک ٿي ويو آهي، انتظاميا واهر ڪري، ٻي پاسي باھه لڳڻ جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي.