ڀٽ شاھه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ڀرسان پوليس اهلڪار گلشير ولد قبول سھتو پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، صبح جو سوير ننڊ مان اٿي پسٽل کڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، جڏهن ته گهر ڀاتي ننڊ ستل هئا، ڪراچي لائيسنس برانچ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ٽريفڪ اهلڪار تقريبن 3 سالن کان ڪراچي ۾ مقرر هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ واپس موڪل تي گهر آيو هو، اطلاع تي وڏي انگ ۾ وارث جمع ٿي ويا ۽ ڀٽ شاھه پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڀٽ شاهه رورل هيلٿ سينٽر پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي اهلڪار ٽريفڪ اهلڪار طور ڀرتي ٿيو سندس عمر تقريبن 33 سال هو شادي شده هو ۽ 4 نياڻين ۽ 2 پٽن جو اولاد به اٿس، سندس پي قبول سھتو جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ ڪراچي ۾ ڊيوٽي ڪندو ھو ۽ ڪجهه وقت دماغي بيماري ۾ مبتلا هو جنهن ڪري اڪثر پريشان به رهندو هو ۽ حيدرآباد مان دماغي ڊاڪٽر کان علاج به هلندڙ هو، پر اهڙي قدم بابت ڪا ڄاڻ نه هئي، ٻي پاسي نوجوان اهلڪار جي اوچتي وفات تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، فوتي اهلڪار جي جنازي نماز سندس ڳوٺ گل سهتا ۾ ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين به ڪئي وئي، جنازي ۾ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن ۽ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي.