مٽياري(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ چوٿين ڏينھن سيکاٽ کان مٽياري پهتو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اختيار پنھور، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ، مٽياري ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، زاھد ڀنڀرو، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، عذرا رند، فضا ملاح، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، جمن سولنگي، راجا چانڊيو، فريد ملاح، الطاف کوسو، خادم سمون، آغا عباس، دلشاد سولنگي، نعيم خاصخيلي، اياز علي سولنگي، عبدالغفور کوسو، دلبر اوڏ، راول سيال، علي سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ اڄ رات مٽياري ۾ ترسڻ بعد اڄ ٽنڊو سعيد خان طرف روانو ٿيندو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنال ٺاھڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏ ويٺي آھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي ڪئنالن جا ڪم تيز ڪرڻ لاء اجلاس ڪري رھيو آھي. سنڌ ۾ عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ احتجاجن جو ڊرامو رچايو ويو آھي. سنڌ جي ماڻھن پيپلز پارٽي جي ڊرامي کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته ڪئنال ٺهيا  ته سنڌ ڪربلا جو ميدان هوندي، ماڻهو هڪ ڍڪ لاءِ تڙپندا، زرداري ايندڙ حڪومت وٺڻ لاءِ سنڌ جي هر شي کپائي ڇڏي آهي، ھي سنڌ جو شعور اوھانکي پاڻي تي ڌاڙو ڪون ھڻڻ ڏيندو ۽ ھي اھو سنڌ جو شعور آھي جيڪو اوھان سان مزاحمت ڪندو. جي ذرو به عقل اٿو، ته سنڌين جي اکين ۾ بي انتھا ڪاوڙ کي ڏسي وٺو، سنڌين جي نعرن ۾ مزاحمت جي گجگوڙ کي سمجھي وٺو. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ فضا ملاح خطاب ڪندي چيو ته آصف زرداري ضياالحق ۽ مشرف کان وڌيڪ طاقتور ناھي. سنڌ جو عوام ڪنھن به صورت م ڪئنال ٺاھڻ ڪون ڏيندا. سنڌو درياھ لاءِ اھڙي جنگ ٿيندي جيڪا صدين تائين ياد رھندي. ڪئنال منصوبا ملڪ دشمن آھن. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي مسلط ڪندڙ طاقتن سمجھيو ته سنڌ جا ماڻھو خاموش رھندا پر ائين نه ٿيندو. ملڪ نازڪ دؤر مان گذري رھيو آھي. ملڪ کي انتشار نه پر جوڙڻ جي ضرورت آھي..بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون حالتون خراب آھن. سنڌ کي ڀِت سان لڳايو پيو وڃي، ان جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا. قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اختيار پنھور خطاب ڪندي چيو ته پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش برداشت نه ڪئي ويندي. پاڻي لاء جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي آصف علي زرداري،پيپلزپارٽي۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھين ٿا وفاقي حڪومت ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا.