ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ سنڌو دريا تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف ڀٽ شاھ مان نڪتل قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ کيبر شهر پهتو، کيبر ۾ لالا اظهر نوح پوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ جو گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو ، رات کيبر شهر ۾ ترسڻ بعد صبح جو مارچ پنهنجي منزل طرف روانو ٿيندو، کنڊو قومي شاهراه ڀرسان گذريل رات ترسڻ بعد صبح جو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي پيادل مارچ جو سفر جاري آهي کنڊو اسٽاپ تي مارچ جو ايس يو پي اڳواڻ شڪور ناز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو الطاف خاصخيلي، فريد ملاح ،لالا اظهر نوح پوٽو، ماجد خاصخيلي، ثناء اللہ بڙدي، خادم سمون، اياز ميمڻ، شڪور ناز خاصخيلي ۽ ٻيا به مارچ ۾ شامل هئا. سنڌ جي عشق ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون به وڏي انگ ۾ پيادل مارچ ۾ سفر ڪري رهيون آهن. پيادل مارچ پاران 6 ڏينهن جو سفر ڪري حيدرآباد پريس ڪلب تي پھچي سنڌو تي نون ڪئنالن خلاف اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو، زينت سمون ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌو دريا تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي هاڻي حڪمرانن جو چالاڪيون نه هلنديون، حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪنداسين آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف سنڌ جو پاڻي روڪڻ واري ڌاڙي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن سنڌ کي پنجاب سان ويڙهائڻ جي وڏي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ملڪ دشمني آهي هن وقت سنڌ جو عوام روڊن تي آهي ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪريون ٿا سنڌ ۾ پيپلزپارٽي طرفان احتجاج صرف ٽوپي ڊرامو آهي پاڻ وفاق سان گڏ حڪومت ۾ ويٺل آهن احتجاج ڪنهن جي خلاف ڪري رهيا آهن سنڌ دشمن منصوبي جي خاتمي تائين احتجاج جاري رهندو.