ڀٽ شاهه (ن پ ا) رتوديرو ڀرسان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ڀٽ شاھ واسي نوجوان هڪ هفتي بعد واپس گهر پهچي ويو، 18 ورهين جو نوجوان نظام علي ڀٽي واپس پنهنجي گهر پهتو ۽ ڀائرن سان گڏ ٽائيم نيوز آفيس پهچي ڳالھه ٻول ڪئي، ان موقعي تي سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي جو چوڻ هو ته راڄوڻي ڪوششن ۽ زوربار بعد پئسا ڀري اسان پنهنجي ڀاءُ کي بازياب ڪرايو آهي، ٻي پاسي بازياب ٿي آيل نوجوان نظام ڀٽي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته رتوديرو ڀرسان بشير خان قريشي جي مزار وٽ عورتاڻي آواز ۾ مونکي گهرائي اغوا ڪيو ويو ۽ تشدد ڪري رڪشا ۾ ويهاريو ويو اڳتي وڃي وري مهراڻ ڪار ۾ کڻي شڪارپور جي ڪچي ۾ پهچايو ويو هٿياربند قتل جون ڌمڪيون ڏيندا هئا ۽ تشدد به ڪندا هئا مونکي چوندا هئا ته وارثن کي فون ڪر ته ڀنگ ڏين نه ته توکي ماري ڇڏيندا سين ڪجهه ڏينهن کان پوء اهو چئي مونکي لاڙڪاڻو روڊ تي ڇڏي ويا ته تنهنجا 5 لک اسان کي مليا آهن لاڙڪاڻي روڊ تان رات جو پوليس کنيو ۽ بعد ۾ گهر ڀاتين سان رابطو ٿيو جنهن بعد ڀائرن لاڙڪاڻو پوليس وٽ پهچي مونکي واپس ڀٽ شاھ کڻي آيا آهن نوجوان جي ڀائرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان راڄوڻي ڪوششون ڪيون ۽ راڄوڻي زور بار پوڻ ۽ پئسا ڀرڻ بعد ڀاءُ کي آزاد ڪيو ويو آهي.