مٽياري/ڀٽ شاھه(رپورٽر+ن پ ا) ڀٽ شاھه ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ڪيس ۾ نامزد جوابدار فرار ٿي ويو، چوري الزام ۾ گرفتار ڪيل جوابدار عبيد الله مرهوٽو رند پوليس اهلڪار کي ڪيرائي فرار ٿي ويو، ڀٽ شاھه ٿاڻي تي لاڪپ ڪرڻ دوران هٿ ڪڙيون کولڻ وقت جوابدار پوليس اهلڪار کي ڌڪا ڏيئي ٿاڻي مان فرار ٿي ويو، پوليس اهلڪار شبير کي ٿاٻڙجي ڪرڻ سبب ٻانهن ۾ ڌڪ لڳي ويو، ڀٽ شاھ پوليس پاران ٿاڻي جي لاڪپ مان فرار ٿي ويل جوابدار عبيد الله مرهٽو کي ڪيلي جي فصل سميت مختلف روڊن تي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، فرار ٿيل جوابدار مٿان ڳوٺ مٺو کوسو ڀرسان رائفل سميت ٻيو سامان چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي ڀٽ شاهه ٿاڻي جي لاڪپ مان جوابدار جي فرار ٿيڻ بعد اهلڪارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، رابطي ڪرڻ تي ايس ايچ او ڀٽ شاھه محمد جمن کوسو جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار طرفان جوابدار جون هٿ ڪڙيون کولي لاڪپ حوالي ڪيو پئي ويو ته جوابدار عبيدالله رند اهلڪار کي ڪيرائي ٿاڻي مان فرار ٿي ويو ، ٻيا اهلڪار ٿاڻي اندر آفيس جي ڪمرن ۾ موجود هئا ۽ جوابدار وجهه وٺي ڀڄي ويو آهي، جوابدار ٿاڻي ڀرسان روڊ ڀرسان ڪيلي ۾ فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي جلد ان کي هٿ ڪري ٻيهر لاڪپ حوالي ڪيو ويندو.