!ڀٽ شاهه جو اسڪول گڏهن جو وٿاڻ، تعليم کاتو تماشائي

0
570

سنڌ کي پئرس بڻائڻ وارا خواب به ساڀيان ٿي چڪا، اسڪولن ۾ ٻارڙن کي جديد تعليم ڏيڻ کانپوءِ هاڻ جانورن جو وارو اچي ويو آهي

ڀٽ شاهه ۾ 12 ورهين کان تعمير هيٺ پبلڪ اسڪول ۾ شهرين گڏهه ٻڌي ڇڏيا، ڪجهه حصي تي قبضا به ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن

ڪيتري ئي عرصي کان تعمير هيٺ پبلڪ اسڪول انتظامي بي ڌياني سبب جانورن جي وٿاڻ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، اسڪول اندر شهرين گڏهه ۽ ٻيو چوپايو مال بيهاري ڇڏيو آهي

اسڪول جي ڪيترن ئي ڪمرن ۾ شهرين پنهنجا گهر به قائم ڪري ورتا آهن، ڀتين واري حصي تي قبضن جو سلسلو جاري آهي

پبلڪ اسڪول جو ڪم لڳ ڀڳ 12 ورهين ۾ به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب عمارت تي قبضا جاري آهن

ساڃاهه وند ڌرين پاران  اسڪول جي عمارت مڪمل نه ٿيڻ ۽ جانور بيهارڻ واري عمل جي مذمت ڪئي وئي آهي

شهرين تعليم کاتي جي عملدارن کان معاملي جو نوٽيس وٺي فوري اسڪول جي عمارت جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي