ڀٽڪندڙ جمهوريت ۽ آئين

0
115

 هن ملڪ مُني صديءَ جي سفر ۾ 1973ع جو آئين حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪي حالتون ان آئين سان آمرن جي دور ۾ ٿي گذريون آهن، انهيءَ کان وڌيڪ ان ئي آئين سان رويا ۽ عمل چونڊيل حڪومتن جيڪي به اختيار ڪيا آهن، اهو به هن ملڪ جي دردناڪ تاريخ جو حصو رهيو آهي، پر ان آئين جي پنجاھ سالا دور گذرڻ کان پوءِ ان جي گولڊن جوبلي 10 اپريل 2023ع تي سرڪاري سطح تي جيتري به ملهائي وئي پر هن ملڪ جي پارليامينٽ ان گولڊن جوبلي کي ملهائڻ جي لاءِ ڪا به تقريب ته منعقد نه ڪئي، جنهن ۾ پوري ملڪ جا دانشور شريڪ ٿين ها. اهي جمهوريت پسند جن پنهنجي زندگي آئين جي بالادستيءَ لاءِ وقف ڪئي، قربانيون ڏنيون، نه انهن کي گھرايو ويو ۽ نه وري جمهوريت جي انهن شهيدن کي ياد ڪيو ويو، جن 1973ع جي آئين جي بالادستي جي لاءِ گوليون کاڌيون. انهن جي زخمي جسمن جي مٿان آمريت جون گاڏيون چڙهي، چٿيندي گذري ويون، ها، آئين جي گولڊن جوبلي پارليامينٽ هائوس جي اندر منعقد ڪئي وئي ۽ ان خاص اجلاس ۾ ڪجھ پراڻيون شخصيتون، جن جي سياسي زندگيءَ ۾ آئين جوڙيون ويو هو، تن کي گھرايو ويو. صوبائي حڪومتن جا وزير اعليٰ ۽ انهن سڀني سان گڏوگڏ اعليٰ عدالتن جي جج صاحبن کي به دعوت ڏني وئي هئي. ٻيا ته شريڪ ٿي نه سگھيا پر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جيڪو تمام وڏي شهرت ۽ ڪردار رکندڙ جج آهي، انهيءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان پنهنجي تقرير ۾ اها وضاحت ڪئي ته، “اسپيڪر صاحب مون کي دعوت ڏيندي چيو هو ته، هن گولڊن جوبلي تقرير ۾ سياست تي نه ڳالهايو ويندو پر صرف ۽ صرف آئين جي گولڊن جوبلي ۽ ان سان عهدِ وفا تي عمل ڪرڻ جو وچن ڪيو ويندو پر هتي سياسي تقريرون ڪيون ويون آهن ۽ مان پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ لازمي سمجھان ٿو ته منهنجو تعلق اعليٰ عدالت يعني سپريم ڪورٽ ۽ آئين  کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناهي”. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو به چيو ته، “مان دعوت ڏيندڙن کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن سڀاڻي ان ئي آئين تي عمل ڪندي مون کي اوهان خلاف، جي فيصلو ڪرڻو پيو ته ڪندس ۽ پوءِ اها ميار نه ڏجو ته توهان مون کي هن تقريب ۾ گھرايو هو ۽ مان توهان جي خلاف ئي فيصلو ڏيان ٿو”. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو به چيو ته، “سپريم ڪورٽ جا تمام جج آئين سان وفاداري جا پابند آهن ۽ اهي سڀ آئين جي روشني ۾ فيصلا ڪن ٿا”. انهيءَ تقرير ۾ هن اهو به افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته، “تمام بيوروڪريسي، عدالتون ۽ سياسي پارٽيون آئين تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن پر خبر ناهي ته انهن جي وچ ۾ ايترا اختلاف ڇو آهن؟” پارليامينٽ جي ان اجلاس جي پوري ڪوريج ميڊيا ۾ اچي چڪي آهي. پاڻ گھڻو تفصيل ۾ نٿا وڃون. يقينن گولڊن جوبلي جي موقعي تي هر مقرر آئين سان وفاداريءَ جو وچن ورجايو ۽ اهائي اميد رکي ته ملڪ جا تمام رياستي ادارا آئين جي پابندي ڪندا ۽ ان تي عمل ڪندا. پر ڇا هن ملڪ جي ادارن، سياسي اڳواڻن، جن کي ليڊر چيو ٿو وڃي، انهن جي ذهن ۾ آئين جو احترام آهي؟ ڇا هو پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند سمجھن ٿا؟ معاملو صرف آئين تائين محدود ناهي، ڇو ته آئين قانون جو جيترو به اهم ۽ بنيادي دستاويز هجي پر انهيءَ ۾ وقت ۽ حالتن سان تبديلي ٿيندي رهندي آهي پر اها تبديلي آئين جي ترقي ۽ واڌاري جي ڪئي ويندي آهي ۽ ڪرڻ به گھرجي. پوري دنيا جي اندر اها تبديلي ۽ ان جي ارتقا ٿي آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي پر هتي معاملو مختلف ان رخ کان آهي ته هتي ان ارتقا جي واڌاري جي ابتڙ آئين سان وقتن به وقتن آمرن شرمناڪ حد تائين جٺيون ڪيون آهن ۽ اهڙا جملا آئين جي لاءِ ڳالهايا آهن، جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ شرمناڪي جو مقام رکن ٿا. ڪهڙو آمر هن ملڪ ۾ رهيو آهي، جنهن آئين جو احترام ڪيو هجي يا قانون جي احترام لاءِ سوچيو ۽ عمل ڪيو هجي؟ تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا آمر گذريا آهن، جن پنهنجي ملڪ ۾ آئين ۽ قانون رڳو نافذ ناهي ڪيو، انهيءَ ۾ خاص واڌارا به ڪيا آهن. مثال فرانس جي مشهور ڪردار نيپولين جو وڏو ڪارنامو اهوئي لکيو ويندو آهي ته هن فرانس جي عوام کي آئين ڏنو ۽ آئين جي طاقت سان ڇڙ وڇڙ فرانس جي عوام کي منظم ٿيڻ جو قانوني گرائونڊ مهيا ڪيو. ڀلي هن جي مشهور شخصيت هڪ جنگجو جنرل ۽ فاتح واري هجي، تاريخ هن کي ان پهلوءَ کان گھٽ ياد ڪندي آهي پر هن جي اصل ڪارڪردگي ۽ ڪردار فرانس کي آئين ڏيڻ هو ۽ هن ملڪ ۾ پاڻ کي مرد مومن سڏرائيندڙ آمر ضياءَ جي نظرن ۾ هن ملڪ جو آئين ڪجھ پنن جو فائل هجڻ کان سواءِ ڪا به اهميت نه پيو رکي. هن جي لاءِ اها مشهور چوڻي هر هڪ جي ذهن ۾ آهي ته هن چيو هو، “73ع جو آئين ڪو مقدس ڪتاب ناهي، ڪجھ پنن جو فائل آهي، جنهن کي ردي جي ٽوڪري ۾ ڦٽي ڪرڻ سان ڪو فرق نٿو پئي”. جنرل مشرف جو نقطهء نظر به اهوئي هو ۽ هن آئين ۾ به اهڙيون ترميمون ڪرايون، جيڪي هن کي ۽ هن جي آمريت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هيون. معاملو صرف اهو ناهي پر هن ملڪ جو اشرافيا طبقو پنهنجي اقتدار جي لاءِ آئين کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪندو آهي،

جيئن آئين کي هٿيار طور استعمال ٿو ڪري ائين ۽ اهڙي طرح هو جمهوريت کي به اقتداري حاصلات جي لاءِ هٿيار طور استعمال ڪندو آهي، تنهن ڪري هن ملڪ جي اندر سياستدانن جي لاءِ آئين ۽ جمهوريت لفظن جي حد تائين ته مقدس ۽ اهم آهن پر عملي دنيا جي اندر ان جي حيثيت ڪا به خاص ناهي، ڇو ته ان پوري اشرافيا طبقي وٽ آئين ۽ جمهوريت اخلاقيات ۽ نظريات جو بنياد ناهن رهيا. هن ملڪ جو آئين ۽ جمهوريت يتيم ٻار جيان اهڙا ڀٽڪندڙ ڪردار آهن، جن کي پنهنجي اقتداري مفادن جي لاءِ ائين استعمال ڪيو ويو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته آئين ۽ جمهوريت جيڪڏهن زندگي ۽ زبان رکن ها ته رت جا ڳوڙها ڳاڙي چونڪن ۽ چوراهن تي احتجاج ڪندي نظر اچن ها. مثال موجوده بحران جي اندر جنهن آئين جي تشريحات تي هڪ وڏو تڪرار  پيدا ڪيو آهي يا ملڪ جا ٻه وڏا ادارا پارليامينٽ ۽ جوڊيشري هڪ ٻئي جي سامهون سينو تاڻي بيٺا آهن، انهيءَ سڄي بحران جي شروعات رڳو بي اعتمادي رٿ کان شروع نه ٿي پر پنجاب جي حڪومت ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾ جيڪي تشريحون آئين جون ڪيون ويون، انهن اهڙو تنازعو پيدا ڪيو پر وڏو بحران تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومتن کي يعني وزير اعليٰ کي دٻاءُ ڏيندي اسمبيلي ٽوڙائڻ جو فيصلو ڪيو. جمهوريت سان جي همدردي هجي ها ته هي عمل ۽ مرحلو پوري ٿيڻ تائين عمران خان صبر ڪري ٿي سگھيو پر هن تڏهن ئي چيو هو ته هاڻي هو آئين سان راند کيڏندو ۽ ان ئي راند سان هو پنهنجي مخالفن کي مات ڏيندو. هن ملڪ جي تاريخ ۾ اهو به لکيو ويندو ته هن ملڪ جي آئين جي گولڊن جوبلي تڏهن ملهائي وئي، جڏهن آئيني بحران پنهنجي عروج تي هو ۽ رياست جا ٻه وڏا آئيني ادارا سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ هڪ ٻئي جي سامهون ٿيندي آئين جي آرٽيڪل جي شقن کي شٽل ڪاڪ جيان هڪ ٻئي تي حملي ڪرڻ جي لاءِ اڇلائيندا ۽ هر روز مڏي جڏي جمهوريت اونداهي جي طرف وڌندي نظر ايندي. يقينن جيڪڏهن جمهوريت جو مستقبل ان آئيني راھ ۾ اونداهو ٿيندو ته وري آئين تاريخ جي بدترين بحرانن ۾ ايندي، اهڙين اذيتناڪ ترميمن ۾ اچي ويندو، جو ارتقا هڪ قدم اڳتي وڌڻ جي بجاءِ ٻه قدم پوئتي ٿي ويندي. يقينن انهيءَ جو نقصان ۽ ڀوڳنا عوام جي حصي ۾ ايندي، جيئن ماضيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي. اسان کي هي ڪڏهن به وسارڻ نه گھرجي ته آئين جي ترقي ۽ ارتقا تڏهن مضبوط ۽ مستحڪم ٿئي ٿي، جڏهن جمهوريت مضبوط ٿئي. جمهوريت جي مضبوط ٿيڻ کان سواءِ قانون عوام جي حصي ۾ نٿو اچي ۽ نه قانون عوام جو محافظ ٿي سگھي ٿو پر قانون جبر جو هٿيار بڻجي ٿو وڃي ۽ جيڪو عوام تي تشدد ڪري ٿو، اهو جابر ۽ ظالم قانون تاريخ ۾ ڪارو قانون ليکيو ويو آهي. عظيم ۽ اعليٰ مقدس قانون اهو قانون هوندو آهي، جيڪو عوام جي حقن ۽ عوام جي ترقي جي لاءِ هجي. انهيءَ کان سواءِ قانون صرف ۽ صرف جبر جو هٿيار هجي ٿو. هن ملڪ جي آئين جو مستقبل هن وقت به ائين سواليا نشان آهي، جيئن جمهوريت جو مستقبل سواليا نشان بڻيل آهي.