اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس ۾  جسٽس منصور علي شاهه اضافي نوٽ  جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل سياسي ٽرائل جو ڪلاسڪ مثال آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ جاچ جي غير قانوني منظوري ڏني وئي. سياسي ٽرائل  ۾ من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ غير شفاف طريقا آزمايا ويندا آهن، جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته سياسي ٽرائل ۾ اڳوڻن اتحادين جا بيان وٺي عام طور تي گواهه ٻڌايو ويندو آهي. ڀٽو صاحب پاڻ چيو هو ته عدليه آئين جي ڇٽي هيٺ ئي آزاد رهي سگهي ٿي، ڀٽو صاحب چيو هو ته ريگستان ۾ گل ٽڙي نٿا سگهن. آمراڻي دور ۾ ججن کي ياد رکڻ گهرجي ته انهن جي اصل طاقت عهدي تي مقرر رهڻ ناهي پر آزادي کي قائم رکڻ آهي. جسٽس منصور علي شاهه اضافي نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته جسٽس دراب پٽيل ڀٽو ڪيس ۾ جرئت سان اختلاف ڪيو، دراب پٽيل ضياءَ پاران جاري ڪيل عبوري آئين تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو، سمجهوتو ڪري ميراث ڇڏڻ بجاءِ عهدو ڇڏڻ هڪ ننڍڙي قرباني آهي. جج جي بهادري جو اندازو ٻاهرين دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ، مداخلت خلاف ثابت قدم رهڻ مان لڳائي سگهجي ٿو.آمراڻي مداخلت جو مقابلو ڪرڻ ۾ دير قانون جي حڪمراني لاءِ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿي، مداخلت جي فوري طور تي مزاحمت ۽ اصلاح ڪرڻ گهرجي، عدليه جو ڪردار انصاف جو تحفظ ڪرڻ آهي.