اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي جو ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي لکيل اضافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي پنهنجي اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ضابطه فوجداري تحت قتل جو سڌو سنئون ٽرائل نه ٿي ڪري سگهي. اڳوڻي مرحوم چيف جسٽس نسيم حسن شاهه بعد ۾ اعتراف ڪيو ته ڀٽو ڪيس ۾ مٿس پرڏيهي دٻاءُ هو. اهو اسان جي قوم جي عدالتي تاريخ جو هڪ افسوسناڪ باب آهي. ڀٽو ڪيس ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس محمد عليم ۽ جسٽس صفدر جي جرئتمندانه اختلافي نوٽ سان اهميت اجاڳر ٿئي ٿي، جيڪي ان وقت جي ماحول باوجود پنهنجي موقف تي قائم رهيا، انهن ججن جي اختلافي نوٽس سان صورتحال تبديل نه ٿي، پر عدليه جي ساک ۽ غير جانبداري برقرار رهي. اختلافي نوٽيس ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ پرعزم آزاد عدليه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. جسٽس يحيي آفريدي وڌيڪ لکيو آهي ته منهنجي راءِ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل کان محروم رکيو ويو. جيڪڏهن ڀٽو ڪيس جهڙن واقعن جو ازالو نه ڪيو ويو ته عدالتي نظام جي شفافيت ۽ عوامي اعتماد کي خطرو رهندو.