حيدرآباد(بيورو رپورٽ) شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران حيدرآباد جي ترقي لاءِ قائم ڪيل ادارو حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي سخت مالي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي. ايچ ڊي اي جي ملازمن کي 13 مھينن جي پگھار ۽ پينشن جڏھن ذيلي شعبي واسا جيڪو ھاڻي حيدرآباد سيوريج اينڊ واٽر بورڊ جا ملازم 13 مھينن جي پگھار ۽ پينشن کان محروم آھن، ان حوالي سان ايچ ڊي اي سي بي اي يونين جي جنرل سيڪريٽري انصاف علي لاشاري پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايچ ڊي اي جي ملازمن کي پگھارون ۽ پينشن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار 50 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا آهن پر اڃا تائين اھا رقم جاري نه ٿي سگهي آهي، انڪري ملازم پگھار ۽ پينشن کان محروم آھن ھن چيوته واسا سنڌ جي ناڻي کاتي پاران ٽي ڪوارٽر رقم جيڪا 76 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي اڃا تائين جاري نه ڪئي آھي جنھن ڪري ڀلاري مهيني ۾ ايچ ڊي اي ۽ واسا جي ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، ٻئي طرف پگھار ۽ پينشن نه ملڻ خلاف مھراڻ ورڪرز يونين پاران 12 مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي واسا ملازمن شهر جي وڏي فلٽر پلانٽ مان پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي جنھن سبب حيدرآباد جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي واسا جي مهراڻ ورڪرز يونين ڄامشورو روڊ تي نئين فلٽر پلانٽ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي يونين جي جنرل سيڪريٽري اسلم عباسي چيو ته واسا ملازمن کي 12 مهينن کان پگهارون ۽ پينشنرز کي 12 مهينن کان پينشنز نه مليون آهن سنڌ حڪومت به اکيون بند ڪري ڇڏيون رمضان المبارڪ دوران پگهارون نه ملڻ سبب ٻچا گهر ۾ بک وگهي مري رهيا آهن ھنن چيوته پهرين مرحلي ۾ 4 ڪلاڪن لاءِ پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن پگهارون نه ڏنيون ويون ته احتجاج جاري رکنداسين ۽ پاڻي مڪمل بند ڪنداسين، واسا ملازمن کي پگهارون ۽ پينشنرز کي فوري طور تي پگهارون ڏنيون وڃن.