ڀٽ شاهه (ن پ ا) سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي 24 هين ورسي ملهائي وئي. ڀٽ شاهه جي ڪراڙ ڪپ تي شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي ورسي تقريب  منعقد ڪئي وئي. ثقافت کاتي جي عملدارن، شيخ اياز يادگار ڪاميٽي، سنڌي لئنگيويج اٿارٽي سميت اديبن، دانشورن، صحافين ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن طرفان مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون. ثقافت کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شيرمحمد مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر رحمت الله راڄڙ، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، تاج جويو، ادل سومرو، نصير مرزا، مدد علي سنڌي، محمد علي مانجهي، ۽ ٻين پاران شيخ اياز جي مزار تي حاضري ڀري دعائون گهريون ويون ۽ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. شيخ اياز جي مزار سامهون ثقافت کاتي ۽ شيخ اياز يادگار ڪاميٽي طرفان گڏيل طور تي تقريب منعقد ڪري سنڌ جي مهان ڪوي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شيخ اياز انقلابي شاعر هو جنهن پنهنجي شاعري سان نوجوانن ۾ اتساهه پيدا ڪيو ۽ قومي شاعري سان سنڌ جي خدمت ڪئي. هنن چيو ته ڀٽائي کان پوءِ شيخ اياز شاعري ۾ وڏو نالو آهي جنهن ڌرتي جا گيت لکيا ۽ جيل به ڪاٽيا، اهو ئي سبب آهي ته هر سال ڀٽائي جي ڪراڙ ڍنڍ ڪناري سندس آخري آرامگاهه تي اديب ۽ دانشورن سميت سياسي سماجي اڳواڻ، صحافي، شاعر ۽ ثقافت کاتي جا عملدار پهچي ڀيٽا پيش ڪن ٿا. شيخ اياز کي صدين تائين ياد رکيو ويندو ۽ ان جي شاعري به پڙهي ويندي، تقريب جي آخر ۾  فنڪارن ھاشم چنڊ، محمد رحيم سولنگي، طالب شاهاڻي ۽ ٻين پنهنجي ڪلامن ۽ شيخ اياز جي شاعري سان مهان ڪوي شاعر کي ڀيٽا پيش ڪئي. هوڏانهن سانگهڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران شيخ اياز جي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي عاجز منگي، استاد نظاماڻي، امر لغاري، مٺو سانگھڙائي، ولي محمد خاصخيلي، عادل لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٻئي پاسي مقصودورند ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان شيخ اياز جي ورسي تقريب ۾ بهادر رند، احسان رند، حق نواز رند ۽ ٻين ڏيئا ٻاري شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي.