لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 280 هين عرس جي مناسبت سان جشن لطيف تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر احسان دانش، اعجاز جمالي، رضوان گل، ڪاليج جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين قيصر، اڪاشا گل، شھناز، گوتم، صدرهه، سهانا، سائرهه، ڪائنات، غلام عباس، عاقب حسين ڀٽو، شاهه محمد، غلام مهدي، رضوان احمد، بابر علي ۽ عبدالرحمان تقريرن، ڀٽائيءَ جا بيت پڙهڻ، ڀٽائيءَ جي 7 سورمين تي ٽيبلوز پيش ڪرڻ، تحت اللفظ، ڪوئيز ڪامپٽيشن، پئنٽنگ ۽ ڪئليگرافي جي مقابلن ۾ حصو ورتو، تقريب کي خطاب ڪندي آيل مهمانن، پرنسپال ۽ ٻين چيو ته اڄوڪي جشن لطيف تقريب منعقد ڪرڻ جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام سمجهائڻ آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي آفاقي ۽ عظيم شاعر آهي، جنهن نه صرف سنڌ ڌرتي پر پوري دنيا کي امن جو پيغام ڏنو.