ڀٽ شاهه (ن پ ا ) انتهاپسندي کان آجي سنڌ جو عنوان سڀني کي پسند اچي ويو آهي ڀٽائي خاندان جي بزرگ اڳواڻن فردن ۽ سروري جماعت جي اڳواڻن پاران به ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز سان گڏ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ڀٽائي خاندان جي بزرگ اڳواڻ سيد غلام رضا شاھ لطيفي، پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد احسن عباس شاهه لطيفي، سيد ياسر شاهه، سيد رضا رضوي ۽ سروري جماعت جي اڳواڻ فيض عباس ملاح علي قاضي جي سلوگن جي مڪمل حمايت جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته علي قاضي صاحب جو اعلانيل سلوگن انتهاپسندي کان آجي سنڌ وقت جي اهم ضرورت آهي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته انتها پسندي کان نجات ضروري آهي ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ملهائينداسين، ڀٽ شاھ جا شهري ۽ سروري جماعت طرفان پهرين ڊسمبر تي ايڪتا عيد ٽائيم نيوز جي سلوگن سان گڏ ملهايو ويندو علي قاضي جس لهن جنهن هڪ بهترين سلوگن جو اعلان ڪيو آهي سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ نفرت جي ڪا به گنجائش نه آهي، سنڌ جي عوام کي دعوت ڏيون ٿا ته انتها پسندي کان ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي ان عنوان سان سڀ گڏجي ايڪتا عيد ملهائين.