ڀٽ شاھه (ن پ ا) ڀٽ شاهه جي نگري ۾ ”ميلوحا انٽرٽينمينٽ“ پاران سجائي ويل ثقافتي ميلو ”جشن ميلوحا“ هزارين ماڻهن جي شرڪت سان فن، فڪر ۽ اظهار جو تاريخي مظاهرو بڻجي ويو هن شاندار تقريب دوران، نظرانداز، گمنام ۽ جدوجهد ڪندڙ فنڪارن جي نمائنده تنظيم ”ميلوحا آرٽ سرڪل“ جو بنياد وڌو ويو، جنهن جي صدارت نامور قانوندان، بيباڪ مقرر ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ اياز لطيف پليجو ڪئي. اياز لطيف پليجي نه رڳو نئين تنظيم جي عهديدارن کان حلف ورتو، پر ڀٽائي جي فڪر سان وفاداريءَ جو وچن به ورجايو ويو تقريب جي شروعات شاه لطيف جي راڳ سان ٿي، جنهن کان پوءِ فنڪارن، هدايتڪارن ۽ مختلف ميدانن سان تعلق رکندڙ مهمانن پنهنجي خدشن، مسئلن ۽ اميدن بابت خطاب ڪيا پروگرام جي ميزباني ايوب گل ۽ فرزند ملڪ کجي ڪئي، جن مهمانن جا ٿورا مڃيندي ميلو ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀني جي شرڪت تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ”ميلوحا آرٽ سرڪل“ جي چونڊيل عهديدارن جي فهرست هن ريت آهي صدر ايوب گل، سينيئر نائب صدر افق بشير چنا نائب صدر اعظم مينگل، جنرل سيڪريٽري فرزند ملڪ کجو، جوائنٽ سيڪريٽري منور جوڻيجو، انفارميشن سيڪريٽري عاشق کهيري ، فنانس سيڪريٽري عرفان شيخ، پريس سيڪريٽري ڊي بي بلوچ، آفيس سيڪريٽري جي ايم ڀٽي، گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ نسرين ناز، ثنا رضا، فضا ملڪ، سونو مرزا، شمع منگي، لائبا بلوچ، ڪومل ناز، شميم شيخ، خليل عارف سومرو، رحمت الله لاشاري ۽ نديم جماڻي شامل آهن جشن دوران ڪيترن ئي سينئر ۽ جونيئر فنڪارن زور ڀري مطالبو ڪيو ته سنڌ جي فنڪارن کي سندن حق ڏنا وڃن، سندن ڪم جي سرڪاري سطح تي واکاڻ ٿئي ۽ فن جي فروغ لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن. صدارتي تقرير ۾ اياز لطيف پليجي، شاه لطيف جي فڪر، سنڌي فن جي عظمت ۽ سماجي سجاڳي ۾ آرٽ جي ڪردار تي تفصيلي روشني وجهندي چيو ته “آرٽ اهو ريگمال آهي، جنهن جي ذريعي ذهنن ۽ ضميرن تان انتهاپسنديءَ جي ڪاراڻ ميساري سگهجي ٿي” تقريب ۾ ناليواري ڪوريوگرافر صوفي ستار شاهه لطيف جي ڪلام تي شاندار رقص پيش ڪيو، جڏهن ته اختتامي لمحن ۾ ٿر جي لوڪ فنڪارا ۽ سنڌ جي پهرين عورت ڍولڪ نواز مريم ناز پنهنجي ڌنوڪين سان سر وکيري محفل کي وجداني ڪري ڇڏيو.