ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽائي جي ميلي دوران هڪ نينگر ۽ پيرسن شخص پراسرار طور تي گم ٿي ويا آهن جن جو ڪو به ڏس پتو ملي نه سگهيو آهي ميلو گهمڻ لاءِ آيل دادو واسي 60 ورهين جو پيرسن علي محمد خاصخيلي عرس مبارڪ دوران ٽن ڏينهن کان گم ٿي ويو آهي گهر ڀاتي سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ ڳولا جو سلسلو جاري آهي ٻي پاسي ھالا واسي 12 سالن جو نينگر راحيل ولد آصو مل به گهران نڪري ڀٽ شاھ جي ميلي ۾ گم ٿي ويو وارثن موجب نينگر آچر ڏينهن ۽ سومر جي رات هڪ وڳي ڌاري ڀٽ شاھ ميلي ۾ موجود هو جنهن بعد پراسرار طور تي گم ٿي ويو نينگر جا وارث به پريشاني ۾ مبتلا ٿي ڳولا ڪري رهيا آهن پراسرار طور تي گم ٿي ويل دادو واسي پيرسن ۽ ھالا واسي نينگر جي وارثن پاران پوليس سميت وس وارن کان ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.