ڀٽ شاهه (ن پ ا) درگاھ ڀٽائي جي فقير ۽ تمر فقير جي گادي نشين فقير علي ڏنو تمراڻي جي لاڏاڻي بعد سندس وڏي پٽ فقير طالب حسين تمراڻي کي گودڙي پارائي تمر فقير جي 11 هين گادي نشين طور پڳ ٻڌرائي وئي، پيرآف ڀٽ شاھ سيد گداحسين شاه لطيفي طرفان فقير طالب حسين تمراڻي کي فقيري جي گودڙي پارائي وئي، جڏهن ته پير آف ڀٽ شاھ سيد غلام اڪبر شاھ المعروف سيد پيرل شاھ لطيفي ،سيد گدا حسين شاہ لطيفي ،سيد اديب الحسن شاھ لطيفي ،سيد فرحاد عباس شاہ لطيفي ، سيد مير محمد شاھ پپو شاھ، سيد عرفان شاہ، سيد زاهد حسين شاه ،سيد ڪاظم رضا شاھ، غفار فقير لاڙڪ، فقير ڏنو فقير نظاماڻي، آغا قربان علي، اياز علي ڏيرو، نياز حسين بوداڻي، فقير محمد اسماعيل ميرجت، فقير حاجن نظاماڻي، عابد فقير تمراڻي ،عطاء اللہ چنا، حسين بخش جتوئي، فقير اياز تمراڻي فداحسين فقير تمراڻي، شاھنواز تمراڻي ،فقير رسول بخش تمراڻي، فقير فداحسين تمراڻي فقير، نيازحسين تمراڻي ،ذوالفقار ميرجت، راجا وساڻ، رجب علي بوزدار ،غلام قادر ٻرڙو، رسول بخش ميربحر، سليم وساڻ، نياز حسين راهو ۽ ٻين پاران تمر فقير جي يارھين گادي نشين فقير طالب حسين تمراڻي کي پڳ جا ور ڏنا، جڏهن ته پڳ ۽ دعا جي رسم ۾ ڀٽائي جي راڳي ،اوطاقي، ذاڪري فقيرن ، مريدن، عقيدتمندن ۽ شهرين وڏي انگ م شرڪت ڪئي، پڳ ۽ دعا جي رسم بعد نئين گادي نشين فقير طالب حسين تمراڻي ڀٽائي سرڪار جي وڏي اوطاق تي شاھ سائين جي آسڻ تي ويهي ذميواري سنڀالي دعا گهري، ان موقعي تي عقيدتمندن طرفان فقير طالب حسين تمراڻي کي مبارڪون به ڏنيون ويون، فقير طالب حسين تمراڻي جو چوڻ هو ته شاھ لطيف جي فقير ۽ تمر فقير جي گادي نشين جي ذميواري تمام وڏي آهي جنهن کي بهتر نموني سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ پنهنجي والد مرحوم فقير علي ڏنو تمراڻي جي نقش قدم تي هلندي سڀني فقيرن ۽ عقيدت مندن کي گڏ کڻي هلندس ۽ رسم جي پڄاڻي تي لنگر نياز به تقسيم ڪيو ويو،