ڀٽ شاھه ( ن پ ا) سنڌ جي سرموڙ شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو 344 هون جشن ولادت پهرين رجب 2 جنوري تي ڀٽ شاھ ۾ ملهايو ويندو، درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي جي اڳواڻي ۾ مزار تي چادر چاڙهي جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو ۽ شاہ لطيف جي راڳ سان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، جشن ولادت جي سلسلي ۾ 2 جنوري خميس ڏينهن تي شام جو 6 بجي لطيف سرڪار جي مزار تي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي ۽ ساڍا 6 بجي دعا گهري قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي جي سربراهي ۾ 344 هين جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو، تقريب جي موقعي تي دنبوري جي تند سان شاھ لطيف جا راڳي فقير ڪلام پيش ڪري ڀٽائي گهوٽ کي ڀيٽا ڏيندا. جشن ولادت جي سلسلي ۾ مختلف درگاھن جي سجاده نشينن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي آهي جڏهن ته مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ مريد ۽ عقيدت مند به جشن ولادت جي تقريب ۾ پهچي شرڪت ڪندا.