هن وقت سنڌو درياءُ پاڻي ڇڏي چڪو آھي، حڪومت ۾ ويٺل واڳ ڌڻي وري ان تي نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آھن، اها ڪوشش مسلسل اڳتي وڌندي پئي رهي ٿي، انهن نون ڪئنالن خلاف نه رڳو سنڌ جا ماڻھو احتجاج ڪر رهيا آھن پر سرائيڪي پٽي جا ماڻهو به انهن ڪئنالن خلاف ناراض آھن، سنڌو ندي تي ڪئنال ڪڍڻ محض ھڪ صوبي جي غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ جي نيت آھي. ايئن ڪرڻ سان هڪ علائقو آباد ۽ ٻيو آباد علائقو غير آباد ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته سنڌو ندي جي پاڻي جو اڳ ئي رخ موڙيو ويو آھي, صوبن جي رضامندي کانسواءِ اهڙا تڪراري منصوبا جوڙڻ قومن ۾ محبت جو ربط ٽوڙڻ جي برابر آھي ۽ ايئن ڪرڻ سان قومن ۾, هڪ ٻئي کان دوري جون خطرناڪ راهون کلي پون ٿيون ۽ انهن راهن تي جڏھن نفرتن جا قدم لڳندا آھن، ته ملڪي سرحدن مان وري نيون نيون سرحدون جنم وٺنديون آھن ۽ دنيا جي نقشي ۾ وڌيڪ ليڪن جو واڌارو ٿيندو آھي، اڪايون ختم ٿيڻ لڳنديون آھن، معاشرن ۾ نه رڪجڻ واري ڀڃ گهڙ ۽ ڦيٽاڙو شروع ٿي ويندو آھي.
هن وقت سنڌو ۾ پاڻي ورڇ جي اڻبرابري ڏسي قومن جا پاڻ ۾ فاصلا وڌندا نظر اچڻ لڳا آھن، انهن فاصلن کي وڌائڻ ۾ حڪمرانن جو ڪردار چٽو نظر ٿو اچي. اوڀر پاڪستان جو ٽٽڻ بنگالين سان انصاف نه ڪرڻ، ۽ ان قوم سان نوڪرين کان ويندي ملڪي معاملن ۾ نظر انداز ڪرڻ جا سبب واضح هئا. جڏھن ڪنهن مظلوم قوم ۾ احساس محرومي حد کان وڌي ويندو آھي ته اها قوم خطرناڪ ٿي پوندي آھي، مرڻ مارائڻ جا سارا ڀئو ان جي وجود مان موڪلائي ويندا آھن، اها اهڙي ويڙھ وڙھندي آھي، جنهن کي خوني انقلاب چيو ويندو آھي.
ڀٽائي سائين جنهن وقت اکيون کوليون، ان وقت هن خطي ۾ پاڻي جي کوٽ، ۽ ٻوڏ قدرتي هئي، برصغير جي سمورن دريائن کي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي باقاعدي منصوبا بندي ته ڪانه هئي، پر پوءِ به وهندڙ نديون جنهن جنهن طرف رخ ڪنديون هيون، ته اتي جي آس پاس جا سارا علائقا زرخيز ۽ آباد ٿيندا هئا. ان دوران مرڪزي حڪومتن جو پاڻي جي وهڪري ۾ يا اهو پاڻي ڪيڏانھن وهي ٿو، ۽ ان کي ڪٿي وهائڻو آھي، ان ساري عمل ۾ ڪوبه عمل دخل نه هو، ننڍي کنڊ جي سمورن دريائن جي وهڻ جو رخ بلڪل آزاد هو، ماڻھو پاڻي جي کوٽ ۾ دريائن تي وڃي باسون باسيندا هئا ۽ دريائن کي ديوتا طور پوڄيندا هئا. ڪي ماڻهو دريائن کي زنده پير سمجهندا هئا، پاڻي جي گهڻي کوٽ ۽ گهڻي ٻوڏ کي دريائن جي ناراضگي سمجهندا هئا.
ڀٽائي سائين جنهن وقت هنگلاڃ کان ٿيندو پٽيهل جي پٽن تي پهتو، ته ان وقت پٽيهل درياء سڪي چڪو هو، اتان جا سارا منظر اجڙي چڪا هئا، وڻ سڪڻ لڳا هئا، درياء جي سير ۾ اڪ ۽ لاڻا موري چڪا هئا. اتان جا مقامي ويٺل ماڻھو لڏي هليا ويا هئا، جهنگلي جانور ۽ پکي به پاڻي سڪي وڃڻ پڄاڻان اها جُوءِ ڇڏي ٻئي هنڌ ھليا ويا هئا. ان ساري صورتحال هڪ عالمگير شاعر کي جهوري وڌو. هو ان وقت هڪ سُڪندڙ وڻ سان مخاطب ٿيڻ لڳي ٿو،
ڪر ڪي ڳالهڙيون، ڪنڊا ڍور ڌڻين جون،
ڪيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذارئين؟
….
ڪنڊا تون ڪيڏو؟ جڏھن ڀريو ڍور وهي،
جسوڌن جيڏو تو ڪو گڏيو پهيڙو؟
شاهه ڀٽائي جو ڪنڊي وڻ سان مخاطب ٿيڻ ڀل ته ڪنهن شاعر جو جذباتي حساسيت ۾ چرپر نه ڪندڙ ۽ نه ڳالهائيندڙ ڪنهن شئي سان مخاطب ٿي حيران ڪن ڏکوئيندڙ ماجرا پڇڻ ھجي، پر اها ڳالھ ٻولھ اڃايل ڌرتيءَ جي تاريخ سان شڪايت آھي. اهاڳالھ ڄڻ ته ڌرتي جي صدين جو هڪ احتجاج آھي، اها دانهن اڃايل تاڙن جي دانهن کان ان ڪري به وڌيڪ سگهاري آھي، جنهن جي پڙاڏي جي گونج دائمي آھي. تاڙن جي گونج هڪ موسم دوران گونجندي رهندي آھي، جڏھن ته اڃايل ڌرتيءَ جي گونج هر موسم ۾ پهاڙن جي هنج ۾ پلجندڙ گڊ ۽ سرنهن کان وٺي ڪڇ جي رڻ تائين ويرانن ۾ رهندڙ ھرڻن جي تڙ تڙ جي تلاش جي گونج آھي.
ڀٽائي سائين جيتوڻيڪ سياستدان ڪونه هو ۽ نه ئي هن کي ڪنهن اقتدار جي لالڇ هئي، جو هو ان وقت به سنڌ جي اهم مسئلي پاڻي تي پنهنجي شعر ۾ ڳالهائي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن وقت جي ڪسوٽي کي شعور جي اکين سان پرکي ان منظر کي پنهنجي لفظن ۾ چِٽيو:
سچ ڪه سڪو ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا،
جنگن ڇڏيو زور، سر سُڪو سونگي گيا.
مهراڻ سُڪي ويو. جتي پاڻي پالوٽون ڪندو هو، اتي هينئر اڪ ڦلاريا بيٺا آھن. وڏن واپارين جو اوج به هليو ويو. درياءَ جي سُڪي وڃڻ سان محصول وٺندڙ به وڃڻ کي ويا. ڀٽائي ڌرتيءَ جي سڄاڻ عاشق طور جتي سُر ڏھر ۾ پٽيهل ۽ ڍاڳي دريائن جي سُڪي وڃڻ کان پوءِ جي ويراني جي ذڪر ڪيو آھي، اتي نه صرف دريائن جو سُڪي وڃڻ جو معمولي ذڪر ٿيل آھي، پر هڪ ڄڻ وڏو چتاءُ آھي ته جڏھن درياءَ سُڪندا آھن، ته اهي قومون ڌرتي تان هميشه لاءِ ميسارجي وينديون آھن. ايئن جيئن پٽيهل ۽ ڍاڳي دريائن جي ڪنڌين کان ننڍا ننڍا شھر ۽ بندرگاهه تباهه ٿي ويا.
ڀٽائي سائينءَ جي شاعري جي سرن، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر ڪاموڏ، سر گهاتو، سر ڪارايل ۾ درياءَ ۽ ان سان لاڳاپيل انسان، ٻيڙيون، مڇي، رڇ، رائون، بلائون ۽ پکين جو خوب ذڪر ملي ٿو پر انهن سڀني ڪردارن جو مرڪز پاڻي، درياءُ ۽ سر آھن. جڏھن پاڻي سان لاڳاپيل سارا ڪردار مهراڻ جي موجن ۾ ھوندا آھن ته خوش نظر ايندا آھن. سر سامونڊي ۾ پرڏيھ ويندڙ واپاري سمنڊ جي سارن خوف ۽ خطرن هوندي به هو درياءَ کان رهي نٿا سگهن. گڏوگڏ ماهيگير به پنهنجي گذر سفر جو ذريعو پاڻيءَ سان ڀريل مهراڻ کي سمجهن ٿا، ۽ هو هر وقت انهيءَ ۾ رهندي پنهنجو سفر ڪندا رهن ٿا. سر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ جو درياءُ پار ڪري سندس محبوب ميهار ڏانهن وڃڻ، راتين جي ڪيفيت، ڀيلي گهڙي جي ڀرڻ جون سڀ ڪيفيتون، وهندڙ درياءَ سان موجود آھن. اهي سڀ عشق جا منظر مهراڻ جي موجن سان ايئن ٺهڪن ٿا، جيئن ٽڪ جي رلين ۾ رنگا رنگي چئوڪڙيون.
ڀٽائي جي مٿي بيان ڪيل سرن کان علاوه، سر ڪوهياري، آبري، معذوري، ديسي، ڪيڏارو، سارنگ، ۽ ڏھر ۾ وري ڪٿي اڃ ۽ اساٽ جو ذڪر ملي ٿو.
سرتيون سجهي سڃ ، متان ڪا مون سين هلي،
پاڻي ناهي پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رڳي رڃ،
متان مري اڃ، ڏي ڪا پاراتو پنهون کي.
…..
سارنگ کي سارين، ماڻھو مرگهه مينهيون،
آڙيون اَبر آسري، تاڙا تنوارين،
سپون جي سمونڊ ۾، نئي سج نهارين،
پلر پيارين ته سنگهارن سک ٿئي.
…..
واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،
جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءُ،
لڳي لڪ لطيف چوي، معذورن مٿاءَ،
اتي اوڏو آءُ، جت هوت هيڪلي آھيان.
اهڙي طرح سان ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سامونڊين، ملاحن، مالوندن، کاهوڙين، وڻن، پکين ۽ جانورن جو پاڻي سان وڏو واهپو ڏيکاريل آھي، ۽ اهائي تاريخي ۽ سائنسي سچائي آھي ته پاڻي کانسواءِ ساهوارن جو جياپو نه آھي. ساهوارن جي پيدائش به پاڻياٺ آھي. هڪڙا پاڻي ۾ رهندڙ ساهوارا ۽ ٻيا خشڪي تي رهندڙ ساهوارا، ٻنهي لاءِ پاڻي انتهائي ضروري آھي. جتي به پاڻي ناهي، اتي ساهوارن جو وجود باقي نه رهيو آھي.
اسان جي ملڪ ۾ انگريز راڄ کان اڳي نهري پاڻي جو ڪو بهتر سسٽم ڪونه هو. انگريز سرڪار جي اچڻ کان پوءِ درياءَ جي پاڻيءَ جي بهتر استعمال لاءِ بئراج کوٽائي ڏورانهن علائقن تائين پاڻي جي رسائي جو انتظام ڪري زراعت کي هٿي وٺائي ويئي، زيان ٿيندڙ پاڻي کي استعمال هيٺ آڻڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا ويا ۽ پاڻي وهڪرن جا قانون جوڙيا ويا. سنڌو درياءَ تي پلين جوڙن ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي مهڙ ۾ در لڳايا ويا. باقاعده هڪ سسٽم تحت پاڻي وهائڻ جو نظام ترتيب ڏنو ويو. ان دوران به صوبن ۾ پاڻي تڪرار شروع ٿيو، انهن تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڪميشنون ۽ ڪميٽيون جوڙيون ويون، جن ۾ 1901ع ۾ انڊيا اريگيشن ڪميشن، 1919ع ۾ ڪاٽن ڪميشن، 1935ع ۾ انڊريسن ڪميشن، ۽ 1941ع ۾ رائو ڪميشن وغيره. انگريزن جي برصغير مان نڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جو وجود ۾ اچڻ، ۽ ان کان پوءِ وري دريائن تي مالڪي جو ڦڏو شروع ٿيو، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن ۾ ڪشيدگي وڌڻ لڳي. نيٺ صدر ايوب خان پاڪستان جي حصي جو پاڻي انڊيا کي ڏيئي ڇڏيو، جنهن ڪري به پاڻي جي کوٽ تهائين وڌيڪ ٿيڻ لڳي.
دنيا ۾ اڪثر جنگيون پاڻي تي لڳيون آھن، ڇاڪاڻ ته پاڻي کانسواءِ انسان توڙي جيوت جو وجود برقرار رهي نٿو سگهي، ان ڪري دنيا جي مڃيل شاعر، فلاسافر، موسيقار، عاشق، ۽ محب وطن انسان شاه عبداللطيف ڀٽائي، اڄ کان ساڍيون ٽي صديون اڳ پاڻي جي اهميت ۽ ان جي سڪي وڃڻ جي صورتحال کي پنهنجي شاعري ۾ چٽي ڄڻ ته اسان کي آگاه ڪيو هو ته پنهنجي درياءَ سان پيار ڪريو، پاڻي سان پيار ڪريو. ڀٽائي سائينءَ کان اڳ ماموئي فقيرن جي ستن بيتن ۾ جيڪي اڳڪٿيون ڪيل آھن، انهن ۾ پاڻي کوٽ جو اشارو به واضح ملي ٿو.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بِهه مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندي سوکڙي.
مطلب ته پاڻي سڪي ويندو، مڇي، بِھ ۽ لوڙهه، اڻلڀ شيون ٿي وينديون ۽ سوکڙي طور سڃاڻپجڻ لڳنديون، اهي سموريون شيون هاڻي پاڻي کوٽ ڪري اڻلڀ ٿي ويون آھن. آڳاٽي وقت ۾ جتي سنڌو درياءَ ۾ ھزارين مڻ مڇي ملندي هئي، اتي هاڻي سون مڻن جي تعداد ۾ به مڇي نٿي ملي، جنهن ڪري ماهيگير معاشي بدحالي جي ور چڙھندا پيا وڃن. پاڻي جي کوٽ ڪري جتي زراعت تباهه ٿي رهي آھي، اتي دريائي ٻيلا به ختم ٿي رهيا آھن، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ساري ڊيلٽا تباه ٿي رهي آھي. سمنڊ زرخيز زمينون ڳڙڪائيندو مٿي چڙھندو رهي ٿو. زراعت تباه ٿيڻ سان، آبادگار طبقو ڪنگال ٿيندو ٿو رهي ته ان وقت به سنڌو درياءَ تي نون ڪئنالن جو راڳ آلاپجي رهيو آھي. ڪئنالن ٺھڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي ويندي. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي جياپي لاءِ پنهنجي حصي جي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اسان جو درياءُ سڪي وڃي ۽ اسان پنهنجو وجود وڃائي ويهون.