ڀُٽو ڦاسي ته لَهڻيو ٿي!…

0
141
ڀُٽو ڦاسي ته لَهڻيو ٿي!...

4 اپريل ڀُٽي صاحب (ذوالفقار علي ڀُٽو) جي ڦاسيءَ جو ڏينهن۔ معاف ڪجو، ڀُٽي ڦاسي ته لهڻي به ٿي. هن جي ڦاسيءَ جا هڪ نه پر ڪيترائي سبب هئا۔ 1973ع جو آئين هڪ سبب هو، ايٽمي پروگرام ٻيو، روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ ۽ لکين ماڻهن کي ملڪ اندر ۽ ٻاهر روزگار ڏيارڻ۔ اهي جيڪي پهريون دفعو پاڪستان جي سرحدن کان ٻاهر روزگار لاءِ ويا، انهن جي ڪمائيءَ سان سندن پويَن جا ڏينهن بدلجي ويا۔ ڏينهن بدلجن ته خدا ياد اچي ٿو، خدا ياد اچي ته ماڻهوءَ جي دل چاهي ٿي ته مذهب جي خدمت ڪري، عبادتگاهون تعمير ڪرائي۔ ڀُٽي جي خلاف 1977ع واري تحريڪ ۾ اهي سڀ طبقا شامل هئا، جن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت ڀُٽي جي دور ۾ فائدو ٿيو هو۔ ڀُٽي تعليمي ادارا قومي تحويل ورتا، اهو گهٽ ڏوهه هو! 80 ۽ 120 رپين کان وٺي 150 کان 300 رپين تائين جي رسيد تي صحي ڪندڙ استادن جي نوڪرين کي قانوني تحفظ مليو، پوءِ انهن يونين ٺاهي۔ سڀ کان پهريان جماعت اسلامي جي هم خيال استادن جي تنظيم ٺهي۔

                 توهان پاڪستان جي تاريخ جا 4 اپريل 1979ع کان اڳ وارا ورق ورائي ڏسو، پوءِ ان ۾ ڀُٽي جو حصو ڏسو۔ هر صفحو توهان کي اها شاهدي ڏيندو ته سندس ڦاسي ته حقي واجبي هئي۔ جي ايڇ ڪيو ۾ نوجوان آفيسرن هٿان ذلت ڀوڳڻ بعد ڀُٽي کي اقتدار حوالي ڪيو ويو، خوشيءَ سان نه پر مجبوريءَ ۾۔ ان ذلت جي ڪاوڙ ڀُٽي کي ڦاسي ڏئي ۽ سندس نياڻيءَ کي روڊ تي مارائي به گهٽ نه ٿي۔ اُٺ وانگر ڪينو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي۔

ڪجهه گهڙين لاءِ ترسو۔ ڀُٽي جي ڦاسي ان لاءِ به حقي واجبي هئي، ڇو ته هو انهن ماڻهن مان هو، جن سياست کي بي ڊي ميمبرن جي گهرن مان ڪڍي گهر گام ۽ گهٽين تائين آندو۔ بيشڪ، هو انسان هو، ولي ڪامل يا آسماني اوتار هرگز نه هو۔ هن کان به غلطيون ٿيون، پر معاف ڪجو، هو پنهنجي غلطيءَ سبب نه پر پنهنجي خوبيءَ سبب ڦاسيءَ تي چڙهيو۔ خير، سٺو ٿيو جو ڦاسيءَ چڙهي ويو۔ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ کيس بري ڪري ڇڏي ها ته ڇا ٿئي ها؟ ڪو خودڪش بمبار کيس زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏي ها، ۽ ان جا به سبب گهڙيا وڃن ها۔

ڀٽو اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ اقتدار ۾ آيو، آيو نه، پر آندو ويو۔ جنرل يحييٰ خان جي فوجي حڪومت جا “وڏا” اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ بچيل پاڪستان جي اقتدار جي ناني ويڙهي واري ونڊ ورڇ لاءِ صلاح مشورا ڪري رهيا هئا، ته نوجوان آفيسر مڇرجي پيا۔ اقتدار ڀُٽي کي منتقل ڪرڻو پيو۔ ملڪ “ايل ايف او” ذريعي هلي رهيو هو۔ ايوب 1956ع جو آئين اروڙيءَ تي اڇلائي ڇڏيو، ان جي صدارتي آئين کي يحييٰ خان اڇلائي ڇڏيو۔ ليگل فريم ورڪ آرڊر (ايل ايف او) آيو۔ 1970ع جون چونڊون به انهيءَ تحت ٿيون هيون۔ ون يونٽ ختم ڪري صوبا به ايل ايف او بحال ڪيا۔

ڀٽو اقتدار ۾ آيو۔ بيشڪ هو اولھ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻ هو۔ ڀارت کان 90 هزار قيدي واپس آڻڻ به اهڙو ڏوهه هو، جو هن ڦاسي ته لهڻي ٿي۔ سندس ساٿي، جنرلن خلاف مقدمو هلائڻ جا خواهشمند هئا، پر ڀُٽي جو خيال هو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته نئون پنڊورا باڪس کلي پوندو۔ ڀارت کان جنگي قيدين کي آزاد ڪرائڻ ۾ دير ٿي ويندي۔

ڀُٽو خوبيون ۽ خاميون رکڻ وارو انسان هو۔ توهان جي نظر ۾ خاميون وڌيڪ هونديون، منهنجي نظر ۾ خوبيون وڌيڪ هيون۔ راءِ جو اختلاف سماجي شعور جو حسن سڏبو آهي۔ افسوس انهن تي، جيڪي راءِ جي اختلاف تي گارين جي ڀونڪ ڪندي دير ئي نٿا ڪن۔ ڀُٽي کي ڪهڙي گار هئي، جيڪا سندس مخالفن نه ڏني؟ ڦاسي ڏئي، مسلمانيءَ جي تصديق به ڪئي وئي۔ مسلمانيءَ جي تصديق لاءِ به ڦاسي ته حقي واجبي هئي!

ڀُٽي، اردن جي شاهه حسين جي سفارش تي جنرل ضياءُ الحق کي اٺين درجي تان کڻي آرمي چيف بڻايو، ڦاسي لاءِ اهو ڏوهه ئي ڪافي هو۔ هن بي ڊي ميمبرن جي غلاميءَ جو طوق پاتي ڦِرندڙ عوام کي ووٽ جو حق ڏياريو، ان تي ٻيڻي، ۽ بي زبانن کي زبان ڏيڻ تي ٽيڻي ڦاسي لَهڻندو هو۔  4 اپريل 1979ع جي صبح، ڀُٽي کي ڦاسي چاڙهيو ويو۔ ڇا واقعي ڀٽو ڦاسي چڙهي ويو؟ جيل ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب “جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو” ۾ هن لکيو آهي، “مان جنرلن جي هٿان مري تاريخ ۾ زنده رهڻ چاهيان ٿو”. بلڪل ائين ئي ٿيو۔ ڪيترائي ڄٽ ڄامڙا ڀولڙا چٿر ڪن ٿا ته، “سڀ مري ويا، پر ڀٽو زنده آهي”. ها، بلڪل، ڀٽو زنده آهي۔  توهان هڪ ڪم ڪريو، کيس وري ڦاسيءَ تي چاڙهيو، شايد هن ڀيري مري وڃي! ڀُٽي ۽ سندس پارٽي خلاف هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ غليظ پروپيگنڊا ڪئي وئي۔ عدالتي قتل جي مددگارن سان گڏ سندس وارث ايم آر ڊي (MRD) ۾ ويٺا ۽ ٽي ڏينهن لنگر ورهائيندڙن سان گڏ اي آر ڊي (ARD) ۾ به ويٺا۔ ظرف جي انهيءَ مظاهري ڀُٽي کي زنده رکيو۔ ڀُٽي هن سماج جي مسڪين ۽ ستايل طبقن کي زبان ڏني، اهو به هڪ ڏوهه هو، تمام وڏو ڏوهه۔ مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته هن کان غلطيون به ٿيون۔ هو واحد اڳواڻ هو، جيڪو ملائيت جي فتوا کي لتاڙي اڳتي وڌيو ۽ ڪامياب ٿيو۔ (1970ع جي چونڊن ۾، هڪ فتوا ۾کيس ووٽ ڏيڻ کي ڪفر قرار ڏنو ويو هو).

ڀُٽو ڦاسي ته لهڻيو ٿي، ڇو ته هن سيپٽمبر 1976ع ۾ آمريڪي سفير کي ڏکڻ ايشيا ۾ ايندڙ ڪجهه سالن بعد ايندڙ تبديلي کي روڪڻ لاءِ آمريڪا جو پٺُو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو۔ سندس جاءِ تي جنرل ضياءُ الحق اهي خدمتون انجام ڏنيون، هو اڳ ۾ اردن ۾ به اهڙيون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو. اتي ئي عالمي اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ اچي ويو هو۔ ڀُٽي چڱو ڪيو، جو نه معافي ورتائين، نه جلاوطنيءَ جو ڪو معاهدو ڪيائين۔ اسان جي چوڌاري ڪيترائي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته زنده بچڻ ئي ڪمال آهي، “جان آهي ته جهان آهي”۔ هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي۔ ڀُٽي، جيڪو سوچيو، ان تي عمل ڪيائين۔

4 اپريل جي صبح، کيس ڦاسي ڏني وئي ۽ ساڳئي ڏينهن سخت پهري هيٺ ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو۔ جنازي ۾ مشڪل سان ٻارنهن پندرنهن ماڻهو هئا۔ سندس قاتل جو جنازو تمام وڏو هو۔ ڪجهه قاتلن جا جنازا وڏا ٿيندا رهيا ۽ ٿيا به. خبر ناهي ته، ماڻهن کي ڪهڙي بيماري آهي، جو قاتلن بدران مقتولن جي قبرن تي ميلا پيا مچائيندا آهن؟ ڀُٽو ڦاسي لهڻيو به ٿي، ڇو ته هو ذوالفقار علي ڀٽو هو، ۽ هو تاريخ جي اروڙيءَ جو رزق بڻجڻ بدران تاريخ ۾ زنده رهڻ جو خواهشمند هو۔