ڀُنگ جي رقم بجيٽ ۾ مختص ڇو نه ڪجي؟

0
41
پوليس تي حملا ۽ وزير باتدبير جو موقف
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ عملي طور تي سنڌ ‘انتظامي طرح’ ٻن حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي. سنڌ جي اڌ درجن کان وڌيڪ ضلعن جا ڪچي وارا علائقا سڌيءَ طرح ڌاڙيلن جي اثر، اختيار ۽ پهچ ۾ آهن، جتي هو جڏهن به چاهين ٿا ۽ جيترا ماڻهو به چاهين ٿا، بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي اغوا ڪري کڻي ٿا وڃن، جن جي انهن علائقن ۾ نه سنڌ انتظاميا دخل ٿي ڏئي ۽ نه ئي وري قانون جي ڪا روڪ ٽوڪ آهي. توڙي جو اها ورهاست اڻ اعلانيل آهي پر سنڌ انتظاميا جي بي اثر هجڻ ڪري هن وقت عام ماڻهو به اهو محسوس ڪري رهيا آهن. عملي طور تي سنڌ جا اڌ ڊزن کان مٿي ضلعا هن وقت به ڪرمنلز جي ڪيٽي بڻيل آهن. سنڌ ان حالت تي رات وچ ۾ ناهي پهتي پر اهو ڏيڍ ڏهاڪي واري اقتدار جو تسلسل آهي. عوام نڌڻڪو بڻيل آهي ۽ عوام جي تحفظ جي ذميوار پوليس حڪمرانن جي پروٽوڪول فورس بڻيل آهي.

توڙي جو آءِ جي سنڌ پوليس ۽ چيف سيڪريٽري صوبي ۾ وفاق جا نمائندا هوندا آهن پر اهي به سنڌ جي حڪمرانن کي انهن جي فرمائش موجب ملندا رهيا آهن، پر ان جي باوجود سنڌ جو امن امان خواب بڻيل آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته سنڌ جا ڪيترائي جرڳائي ۽ سياسي ڀوتار ڏوهن جي معيشت واري آڪسيجن تي زنده آهن ۽ ڏوهه انهن جو جياپو آهي. ڏوهن جي سرپرستي جي ڪري ڀُنگ خاطر اغوا ۽ ٻيون وارداتون ختم ٿيڻ جو نالو نه پيون وٺن. انهن سياسي ۽ جرڳائي ڀوتارن جي مرضي ۽ فرمائش موجب، سندن بادشاهي برقرار رکڻ لاءِ، سندن رعب ۽ دٻدٻي، جاهه ۽ جلال جو جهان قائم رکڻ لاءِ انهن جي مرضي ۽ فرمائش تي ضلعن جا پوليس ڪماني مقرر ڪري ڏنا ويندا آهن، جيڪي امن امان جي ايجنڊا جي تڪميل ڪرڻ بدران انهن جرڳائي ۽ سياسي ڀوتارن جي ايجنڊا جي تڪميل ۾ رڌل رهن ٿا، جنهنڪري عوام جو تحفظ توڙي امن امان انهن جي انتظامي ترجيح جو حصو ئي نه آهي. حد ته اها آهي ته سنڌ انتظاميا به انهن کان پڇاڻو نه ڪندي آهي ۽ نه ئي وري انهن ضلعن/تڪن مان چونڊيل عوامي نمائندا صورتحال تي ڳڻتي محسوس ٿا ڪن. عوام انهن کي مينڊيٽ ان ڪري ته ناهي ڏنو جو اهي ويهي عوام جي تذليل جو تماشو ڏسندا رهن! هن ڀيري مثبت ڳالهه اها نظر آئي جو سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بدامني واري صورتحال جو نوٽيس وٺندي اتي جي ايس ايس پي کي بدلي ڪرائي ڇڏيو پر ظاهر آهي ته اهو مسئلي جو حل نه آهي. مسئلي جو حل گهرو کاتي کي متحرڪ ڪرڻ، انهن ضلعن جي چونڊيل نمائندن کي امن امان جي بحالي لاءِ پابند بنائڻ ۽ بي رحم احتساب جي روايت وجهڻ آهي. جڏهن پوليس آفيسر عوام جي تحفظ واري ذميواري پوري نٿا ڪن ته انهن کي ان منصب تي رهڻ جو ڪوبه حق نٿو پهچي. اهو ساڳيو شرط انهن ضلعن/تڪن مان چونڊيل عوامي نمائندن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو، جن کي عوام ته مينڊيٽ ڏئي ٿو پر اهي پنهنجي مينڊيٽ جو ڀرم نٿا رکن. ڇا انهن جو ڪم صرف ايوانن ۾ ويهي اوٻاسيون ڏيڻ آهي يا پنهنجي تڪ جي بدامني جي صورتحال تي ايوان ۾ آواز اٿارڻ جي ذميواري بڻجي ٿي؟

سنڌ ۾ جتي عوام انتظامي لحاظ کان نڌڻڪو بڻيل آهي، اتي سنڌ جون سياسي پارٽيون، جيڪي عوام دوست سياست جون دعويدار آهن، اهي پڻ عوام جي سار لهڻ لاءِ تيار نه آهن. ٻِٽي مڪاني نظام جي خلاف سڄي سنڌ اٿي پئي هئي، سموريون سياسي پارٽيون متحرڪ ٿي ويون هيون پر هن وقت جيڪا عملي طرح سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي واري ورهاست نظر پئي اچي، ڄڻ اڌ درجن کان وڌيڪ ضلعن جو ڪچو ڌاڙيلن کي مقاطعي تي مليل هجي، اهڙي صورتحال ۾ عوام جي هڏڏوکي هجڻ جون دعويدار سياسي ڌريون عوام جي سار لهڻ لاءِ تيار نه آهن. انهن مان اڪثر سياسي ڌريون پاڻ کي ميڊيا جي آڪسيجن تي جيئرو رکيو اچن ۽ انهن مان وري اليڪشني سياست ڪندڙ ڌرين کي عوام تي ڪاوڙ اها آهي ته انهن کين اليڪشن ۾ ووٽ ڇو نه ڏنو! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “هينئڙا! گُهر، ته گُهرين”. ان ڪري جيڪي ڌريون عوام کي نااهل انتظاميا ۽ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ٿيون ڏين ته عوام طرفان به انهن کي اهڙي ئي موٽ ٿي ملي.

سنڌ جي اڌ درجن کان وڌيڪ ضلعن جو ڪچو ڌاڙيلن وٽ ۽ پڪو ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيه جي قبضي هيٺ آهي، جتي رياستي قانون جي پکيءَ جا پَر ٿا سڙن. ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ اغوا ڪيا پيا وڃن، پر سنڌ انتظاميا ان کي پنهنجي انتظام ۽ اختيارن لاءِ چئلينج نٿي سمجهي. صرف اهو ئي نه، پر عوام جي تحفظ وارو بنيادي فرض به پورو نه پيو ٿئي. پوليس جي نااهلي ته ثابت ٿي چڪي آهي. پوليس ته چاهيندي ته مغوين جي ڀُنگ جي رقم به بجيٽ ۾ رکي وڃي ته جيئن پوليس جو ڪم سهل ٿي پوي ۽ انهن کي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين سان ڦٽائڻو نه پوي. هاڻي جڏهن سنڌ جي نئين ڪابينا قسم کڻي چڪي آهي ته سنڌ جي انتظامي سربراهه کي امن امان واري معاملي کي اوليت تي کڻڻ گهرجي. پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ جرڳائي ۽ سياسي ڀوتارن کي، قطع نظر انهن جي سياسي وابستگين، جي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، ته جيئن سنڌ جي عملي ورهاست جو تاثر ختم ٿي سگهي. ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي.