مانجهند: مرڪ جان پيرزادو جي ڀيڻ مھڪ جان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڀيڻ ذھني طور ڊسٽرپ ھئي ۽ ھو سيف جتوئي ھٿان بليڪ ميل ٿيل ھئي، جنھن فليٽ ۾ مرڪ رھندي ھئي اھو فليٽ سيف جتوئي پنھنجي نالي تي وٺي مرڪ کي ڏنو ھو ۽ مرڪ چيو ھو ته هو قرض لاھي ڇڏيندو. مرڪ ۽ سيف جتوئي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڳالھيون ھلن پيو ته ھنن جي شادي ٿيل ھئي پر اھڙي ڪابه ڳالهه ناھي.