دادو (رپورٽر) دادو ۾ ڳوٺ ڀائي خان لاشاري جي رهواسڻ يتيم نياڻي 14 سالن جي نوشين لاشاري کي مبينا طور تي ڪراچي ۾ وڪرو ڪرڻ خلاف نوشين جي ڀاءُ جاني ۽ چاچي شيراز لاشاري دادو پريس ڪلب ۾ سخت احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي، نوشين کي مامو پوليس اهلڪار شبير لاشاري گهمائڻ جي بهاني ڪراچي وٺي ويو ۽ کيس پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، نوشين جي حياتي خطري ۾ آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته نوشين جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري کيس بازياب ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.