ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شھر جي بخاري پاڙي واسڻ خديجه زال رياض شورو پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سندس ڀيڻ جميلا ڌيءَ يوسف کماڻ کي گم ٿيندي 2 ڏينھن ٿي ويا آھن، پر ھن مھل تائين سندس ڪو به ڏس پتو ناھي مليو ھن چيو ته سندس ڀيڻ جي گم ٿيڻ جي رپورٽ ٺٽو ٿاڻي تي درج ڪرائي وئي آھي، پر پوليس سواءِ ملي ويندي چوڻ جي ڪجهه ناھي ڪيو ھن سندس ڀيڻ جميلا کماڻ جي گم ٿيڻ جو الزام سندس مڙس رياض شورو تي ھڻندي چيو ته کيس پڪ آھي ته سندس ڀيڻ کي سندس مڙس ئي گم ڪري ڇڏيو آھي ھن چيو ته سندس ڀيڻ جي گم ھجڻ ڪري ھو سخت پريشان آھن سندن ڪير به سھارو ناھي، ھو صرف پاڻ ۾ 3 ڀينرون آھن، ھن وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته سندس ڀيڻ جميلا کي فوري طور تي آزاد ڪرائي سندن پريشانين جو خاتمو آندو وڃي.