نئين دهلي (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪاره نرگس فخري جي ڀيڻ عاليه فخري کي تازو ئي نيويارڪ جي علائقي ڪوئينز ۾ ٻن ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، عاليه تي پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ ۽ سندس دوست کي باهه لڳائڻ جي نتيجي ۾ قتل ڪرڻ جو الزام آهي، نرگس فخري ان واقعي تي وڌيڪ تبصرو ناهي ڪيو، جڏهن ته تازو ئي هن سوشل ميڊيا تي پهرين پوسٽ شيئر ڪئي، ان پوسٽ ۾ نرگس فخري پنهنجي ايندڙ فلم هائوس فلم 5 جي ساٿي اداڪارائن جيڪولين فرنينڊز ۽ سونم باجوا سان گڏ نظر آئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو “We are coming”، نرگس فخري جي ان پوسٽ سندس مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو، جيڪي سندس فلمي پروجيڪٽ ۽ ڀيڻ جي گرفتاري وچ ۾ توازن تي تبصرو ڪري رهيا آهن، اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ هائوس فل 5 جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اها فلم 6 جون 2025 تي رليز ٿيندي، جنهن ۾ اڪشي ڪمار، رتيش ديش مک ۽ فردين خان به اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا، رپورٽس موجب عاليه فخري تي پنهنجي اڳوڻي بواءِ فريند ايڊورڊ جيڪبز ۽ سندس دوست انستاسيا اسٽار اٽين جي قتل جو الزام آهي، اهي ٻئي باهه لڳڻ سبب دونهين ۽ سڙڻ سبب فوت ٿيا، عملدارن عاليه کي قتل جو جوابدار قرار ڏيندي جيل منتقل ڪيو، جتي اها في الحال رڪارز آئي لينڊ ۾ قيد آهي، عاليه عدالت ۾ بي گناهه هجڻ جي اپيل ڪئي آهي، پر جيڪڏهن اها ڏوهي ثابت ٿئي ٿي ته کيس عمر قيد کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.