ڀيڻن سان ڀائرن جو عجيب رشتو ۽ محبت هوندي آهي
امان او امان ڏسي وٺ آئون ڪنهن محل گهر آيو آهيان بک ۾ بي حال آهيان پر اڃان تنهنجي لاڏلي ڌيءَ ماني نٿي ڏي،
ڀيڻ،
ادا ماني کڻي ٿي اچان،
ڀاءُ
هي ڏس قميص تي ڪيترا داغ لڳل آهن ڪپڙا به ڌوئڻ نٿا اچن تون کي،
ڀيڻ،
ڏي ڀاءُ ٻيهر ڪپڙا ڌوئي ٿي وٺان
ڀيڻ
هي پائي وٺ نوان ڪپڙا ڪالھه امان کان تنهنجي لاءِ گهرايا اٿم
ڀاءُ
اڙي ٻوڙ ۾ ايترا مرچ، خبر ناهي ڪڏهن ماني ۽ ٻوڙ ٺاهڻ ايندي هن چري کي،
امان او امان تون پاڻ کاڌو ٺاهيندي ڪر هن جو ٺاهيل کاڌو کائڻ جي لائق ناهي،
امان
امان چوڻ لڳي پٽ هي تنهنجي ڀيڻ هتي کاڌو ٺاهڻ سکي وٺندي تڏهن ساهرن ۾ وڃي سٺا کاڌا ٺاهيندي ان لاءِ ساڻس کان رڌ پچاءَ ڪرايان ٿي،
ڀاءَ
مطلب هن جي شادي تائين اهڙو ويدن برداش ڪرڻو پوندو،
امان مون کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو
ڀاءَ
خبر ئي نه پئي وقت ڪيئن گذري ويو، رمضان شريف جو ڀلارو مهينو پورو ٿيو ته عيد جي ڏينهن شام جو چاچا سائين وارن اسان جي سموري فيملي کي ساڻ ڪري اسان جي گهر اچي منهنجي ننڍي ڀيڻ جي شادي جي ڏينهن جي گُهر ڪئي جنهن تي بابا سائين چاچا سائين وارن کي چيو ته ادا منهنجي نياڻي توهان ڀائرن جي امانت آهي جيڪڏهن وٺڻ چاهيو ٿا ته اسان جي موڪل آهي، جيڪا توھان تاريخ رکو اسان کي قبول آهي، نيٺ چاچا سائين وارن سڄي فيملي سان صلاح مشورو ڪري 11 اپريل 2025 تي ڀيڻ جي شادي جا ڏينهن پڪا ڪيا، خبر نه پئي وقت ڪيئن گذري ويو نيٺ ڀيڻ جي شادي جا ڏينهن اچي ويا،
صبح جو جڏهن رخصتي لاءِ ڀيڻ کان موڪلائڻ ٿي چاهيم مونکي ائيم لڳو ته هي منظر ڏسڻ سان منهنجي دل ڦاٽي پوندي، پوءِ سوچيم ڀيڻ کان موڪلائڻ بنا ڪنهن جهنگل ڏي منهن ڪجي جٿي ڀيڻ جي رخصتي وقت سائونڊن جو آواز به منهنجي ڪنن تي نه پهچي، متان دل ڦاٽي پوي، صحافي هجڻ ناتي دنيا جا ڏکئي کان ڏکيا حادثا ڏسڻ جي سگھه موجود آهي، اهڙا ڪافي حادثا اکين سان ڏٺا آهن جٿي ماڻهن جا وارث به پنهنجي پيارن کي ڊپ منجهان ويجهو اچي ناهن سگهندا اتي اسان پهچي صرف تصويرون ڪڍي رپورٽ ناهيون ٺاهيندا مگر اهڙي حادثن وقت انهن زخمين کي ڪلهن ۽ ٻانهن تي کڻي کين بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهيون، ڪٿي ڪنهن غريب نياڻين سان يا ڪنهن بي پهچ انسانن سان اگر ڪا بي واجبي يا ناانصافي ٿيندي ڏسندا آهيون ته پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ان سان سينو تاڻي گڏ بيهندا آهيون مگر ڀيڻ جي رخصتي وقت ته آئون دل ئي دل ۾ پاڻ کي ايترو ته ڪمزور محسوس ڪرڻ لڳس ته شايد آئون ڀيڻ کي موڪلاڻي وقت آخري مٿي تي هٿ به نه رکي سگهان، ايئن لڳو ڄڻ مون مٿان وڏو بار ڪري رهيو آهي، مونکان سڀ ڪجھه ڦرجي رهيو آهي ۽ آئون اهو سڀ ڪجھه پنهنجي هٿن سان ۽ خوشي خوشي ڏئي رهيو آهيان،
اُها ڀيڻ جنهن سان ٿوري گهڻي ڳالھه تي وڙھندو هئس اڄ کان ايتري ته پياري پئي لڳي جو ڄڻ منهنجي جسم مان روح نڪري وڃي رهيو آهي،
پوءِ جڏهن دل تي پٿر رکي ڀيڻ کي ڀاڪر پائي رخصت ڪرڻ پئي چاهيم ڄڻ گهر جي هر خوشي کي ڀيڻ سان گڏ سندس لال رنگ جي ٻانڌڻي جي ڳنڍ ۾ ٻڌي رخصت ڪري رهيو هئس، رخصتي وقت آئون ننڍڙن ٻارڙن جيان اوڇنگارون ڏئي روئي رڙي رهيو هئس ۽ ائين پئي لڳو ته ڄڻ منهنجي دنيا ئي ڦرجي وئي هجي،
هر وقت ڀيڻن سان پيا وڙھندا آھيون پر هاڻ جڏهن هو ڀيڻ شادي ڪري هلي وئي آھي ائين لڳي رهيو آھي ڄڻ ته جسم مان ساھ ئي نڪريو ويو آهي، آئون هڪ ساھ کان خالي جسم کي کڻي گهر جي ڪنڊن ۾ ڀيڻ جي هر وقت کڄندڙ قدمن کي ڳولي ۽ محسوس ڪري رهيو هيس هالاڪه منهنجي ڀيڻ ڪنهن ڏورانهين ملڪ يا شهر ناهي وئي بس اسان جو گهر ڇڏي منهنجي وڏي چاچا جي پٽ منهنجي سئوٽ جي گهر وئي آهي، جيڪو اسان جي ڳوٺ ميان ملوڪ جوڻيجو کان 7 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي،
حقيقت ۾ ڀيڻون ۽ ڌيئر گهر جون رونقون هونديون آهن،
گهر جو سڪون هونديون آهن،
گهر جي سونهن هونديون آهن، گهر جو سينگار هونديون آهن، اڄ منهنجي گهر منھنجون ٻه ڌيئر اقرا ۽ اسرا به موجود آهن مگر منهنجي آخري ننڍي ڀيڻ موجود ناهي ته گهر، ويڙھو ۽ ڳوٺ ويران لڳي رهيو آهي،
ڌيئر به پرايو ڌڻ آهن،
چند ڏينهن جون مهمان هونديون آهن پنهنجي والدين جي گهر،
واقعي رخصتي جو اُهو پل ايڏو ڏکوئيندڙ هوندو آهي جڏهن نياڻين جو پنهنجي والدين جي گهران موڪلاڻي جو وقت ايندو آهي، ان مهل گهر ۾ گيت گانا مطلب هر طرف خوشي هوندي به امان بابا ۽ ڀائرن جي سر تي ڄڻ ڏکن جا پهاڙ ڪري پوندا آهن، ان وقت والدين جي هن پريشاني ۽ جدائي جي عالم کي ڪو به ڄاڃي محسوس ناهي ڪري سگهندو، اکين ۾ لڙڪ ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن، اوڇنگارون ڏيندڙ ڀيڻ کي ڀاڪر ڀريندين ڀائر بي تحاسا روئي پوندا آهن، هي اهو لمحو هوندو آهي جڏهن خوشي ۽ غم ٻئي گڏ ٿيندا آهن هڪڙي پاسي نياڻي جي شادي جي خوشي ته ٻي پاسي رخصتي جو غم،
نياڻيون مائٽن جي جنت هونديون آهن پر جڏهن پرڻجي ساهرن ڏي وينديون آهن تڏهن انهن لاءِ نون ماڻهن ۾ ملڻ گهلڻ ايترو آسان ناهي هوندو پر پوءِ به هو پنهنجو سڀ ڪجھه وساري هن نئين دنيا کي يڪدم قبولي وٺنديون آهن،
دنيا جي دستور جو ڪير به انڪاري ناهي نياڻي کي پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي، پنهنجي گهر جون ننڍپڻ جون ساهيڻيون ۽ ننڍپڻ ۾ ٺاهيل مٽي ۽ اڳڻين جون خوبصورت گڏڙيون انهن جا ننڍڙا گهر، ننڍڙا مٽي ٺڪر ۽ رٻڙ جا ٿانو، گڏين جا هٿ واري سئي سان سبيل پتڪڙا ڪپڙا سينگار سميت والدين جو گهر جتي اک کولڻ کان وٺي معصوم پتڪڻن هٿڻن سان مٽي ۾ پاتل ٻانڀڙن ۽ ڪمزور پيرن سان کنيل وکن کان وٺي ننڍپڻ ۾ ڪيل رانديون، مذاق، مستين سميت انيڪ يادگيريون جيڪي نه چاهيندي به وساري وڃي پنهنجو نئون گهر وسائڻو هوندو آهي،
ڌِيئُون ۽ ڀينرُون جتي به هجن خوش ۽ آباد ھجن ڏکن کان سدائين ڏور ھجن، رب پاڪ سندن گهر ۽ ور کي ساڻن لاءِ سدائين سک ۽ سڪون جي علامت بڻائي رکي آمين،