نفيس نگر(ن پ ا) نفيس نگر ڀرسان ڳوٺ علي بخش ٽنگڙي جي رهواسي نوجوان عبدالرزاق ولد مشتاق ٽنگڙي پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڀيڻ جو رشتو نه ڏيڻ تان منهنجي برادري جي ماڻهن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هر روز فون تي ڌمڪايو وڃي ٿو، گذريل ڏينهن منهنجو پاڻي جو وارو هو برادري جي ماڻهن پاڻي پڻ بند ڪري ڇڏيو هو، اهڙي درخواست مون جهڏو نئون ڪوٽ ۽ نفيس نگر پوليس کي پڻ ڏني آهي مگر اسان جي دانهن ڪوڪ ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي، هن ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ناانصافي ڪندڙ برادري جي ماڻهن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.