ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري عوامي هنڌن تي مردن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪرڻ واري پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي، بختاور ڀٽو مردن جي عوامي هنڌن ۾ داخلا تي مڪمل پابندي جو مطالبو ڪيو هو، ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مان عوامي هنڌن تي مردن جي داخلا واري پابندي جي مطالبي تي اڃان به قائم آهيان. بختاور چيو ته مردن کي ڀينرن، مائرن، ڌيئرن ۽ زالن کان سواءِ اڪيلي عوامي هنڌن تي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. شايد هو اهڙي طرح ٻيهر عورتن تي حملي ڪرڻ جو سوچيندا. بختاور ڀٽو وڌيڪ لکيو ته عورتن مٿان وڌندڙ حملن جي واقعن کي روڪڻ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به حل نه آهي.