جهول (رپورٽ: ممتاز شر) ڀيل آهيو وڃي گڏ ڪيو، اوهان جو تعليم پرائڻ سان ڇا وڃي، جهول لڳ استادن ڀيل برادري جي 13 شاگردن کي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي
خبر موجب ڳوٺ محمد خان چنڙ جي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ٻن استادن ڀيل برادري جي 13 شاگردن کي اهو چئي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي ته اوهان ڀيل آهيو وڃي گڏ ڪيو، تعليم پرائڻ سان اوهان جو ڇا وڃي، نيڪالي ڏنل شاگردن ۾ شام سندر ڀيل، جئي نارائڻ ڀيل، پرتاب، شيوو، تيرت، هيمراج ڀيل ۽ ٻيا شامل آهن
ان ڏس ۾ سومرو ڀيل ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته استاد زاهد ۽ جاويد چنڙ اهو چئي اسان جي ٻارڙن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو آهي ته اوهان ڀيل وڃي گڏ ڪيو، اوهان پڙهي ڇا ڪندا
هوڏانهن الزام هيٺ آيل استاد زاهد چنڙ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اهو الزام آهي، ڀيل برادري جا شاگرد ڳوٺ موسيٰ مڪراني جا رهواسي آهن، پهريان اهو اسڪول بند هيو، هاڻي کليو آهي، اسان انهن کي چيو ته ان اسڪول ۾ وڃي داخلا وٺو، باقي ٻيو ڪجهه به نه آهي، هر ماڻهو کي تعليم پرائڻ جو پورو پورو حق آهي