ڀوڳن ڀوڳن ۾ … اَمُن ڪانفرنس

0
61
ڀوڳن ڀوڳن ۾ ... اَمُن ڪانفرنس

امن ڪانفرنس جو وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿيو ته هتي ڊنر ۾ ماڻهو پليٽن تان وڙهي پيا.

تقريرن کان پوءِ ڊنر ۾ ڊوڙ اهڙي ٿِي جو اسان سمجهيو ته شايد جيڪي تقريرون ٻُڌن پيا، انهن کي پوليس ٻَڌَڻ آئي آهي!

اَمُن ڪانفرنس ۾ هلڻ لاءِ پنهنجي دوست ڏاڙهون فقير کان پڇيم ته انهيءَ آهستي چيو، “ڇڏ يار…شادي شده ماڻهوءَ جو اَمُن ۾  ڇا؟”

اسان ڏٺو ته اَمُن بابت هن ڪانفرنس ۾ هڪ ڌاڙيل کي به اسٽيج تي گهُرايو  ويو هو!

ڪجهه ڏينهن پهرئين اَمُن قائم ڪرڻ لاءِ وڳوڙين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ٿيو هو…هڪڙا ماڻهو جنازو کڻيو پئي ويا…پوليس انهن تي  اوچتو ايتري ته لٺ بازي شروع ڪئي جو ڪانڌين جنازو کڻي زمين تي اُڇلايو ۽ وٺي ڀڳا…ايتري ته افراتفري ٿي جو مُڙدو خود اُٿي ويهي رهيو ته، هِيءَ ڪهڙي مشڪري آهي….هتي ته مرڻ جي به سهولت ڪانهي!

ڪانفرنس ۾ مون کي انهن محققن جا مقالا ڏاڍا وڻيا جن پڙهيا ئي ڪونه…اُهو مقالي نويس ته عظيم هو، جنهن آخر ۾ اسٽيج تي اچي چيو ته، “مقالن جي نشست پوري ٿي…هاڻي اچو ته لَنچ ڪريون”!

ڏاڙهونءَ  مون کان پڇيو، “اهو…مقالو ڇا آهي؟”

چئمانس، “مقالي مان مراد آهي اها لکيل شئي جنهن کي ڪير به نه ٻُڌي!”.

چيائين، “پوءِ ايوارڊ رڳو انهن ماڻهن کي ملڻ گهرجن جيڪي مقالا ٻُڌڻ آيا آهن!”.

ڪانفرنس ۾ هڪڙي همراهه کي ڏٺم صبح کان مسلسل مقالا ٻُڌي رهيو هو…اسان ته ٻاهران گهُمي ڦري، چانهه پي، وري اچي ڏسندا هئاسين ته به هِيءُ ويٺو مقالا ٻُڌندو هو….ڀر ۾ اچي چئمانس، “يار، توکي شابس آهي….تون صبح کان وٺي مقالا ٻُڌي رهيو آهين!” مون ۾ غور سان ڏسندي چيائين، “سائين، آئون ڊيڪوريشن وارو آهيان!”