ڀونيشور ڪمار جو نالو ذهن تي ايندي ئي مان سال 2012ع جي سياري ڏانهن موٽ کاوان ٿو، جڏھن پاڪستان پنجن ورهين بعد مختصر سيريز لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو هو. ٽي ٽوئنٽي سيريز برابر ٿيڻ کانپوءِ، ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان ڀارت کي ٻه-هڪ تان هارايو هو ۽ ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪا بہ ٻطرفي سيريز نه ٿي.
ڀونيشور ڪمار ان سيريز دوران پاڪستان خلاف شاندار ڪارڪردگيءَ سان پاڻ کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو هو.
هيءَ سيريز حقيقت ۾ ڀونيشور ڪمار لاءِ هڪ وڏو اسٽيج ثابت ٿي.
جتي جنيد خان پنهنجي رفتار ۽ ريورس سوئنگ سان ڀارتي بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري رهيو هو اتي ڀونيشور بہ نئين بال سان پاڪستاني بيٽرن لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو.
خاص طور تي پهرين ون ڊي ميچ ۾ هن محمد حفيظ کي جيڪو بال ڪيو اهو اڄ به ڪرڪيٽ ديوانن جي ذهن ۾ تازو هوندو.
صبح جو ٿيندڙ ميچن جي بال باءِ بال اپڊيٽ لاءِ پهريون ڀيرو اسڪول ۾ موبائل فون کڻي وياسين ته ريڊيو تي طارق سعيد جو جملو:
“بھونیشور کمار کی باہر جاتی ہوئی گیند اچانک ان سوئنگ ہوئی اور حفیظ کا آف اسٹمپ اڑا لے گئی!”
هيءُ جملو هميشه لاءِ ذهن تي نقش ٿي ويو.
طارق سعيد جي ڪامينٽري نه رڳو ان لمحي جو اظهار هئي پر هڪ اهڙي بالنگ جي عڪاسي پڻ ھئي جيڪا ڀارت ۾ انتهائي ناياب هئي.
هو اھڙن چند بالرن مان هو جيڪي نئين بال سان ٻنهي طرفن کان سوئنگ ڪرائڻ جي صلاحيت رکندا هئا.
سندس شروعاتي اوور ته ڄڻ جادو هوندا هئا.
هن ٽنهي فارميٽس ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ۽ 2014ع ۾ انگلينڊ خلاف سيريز دوران لارڊز ٽيسٽ ۾ 6 وڪيٽون وٺي ڀارت جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ساڳئي سال هن ڀارت لاءِ بيٽنگ ۾ به ڪجهه اهم اننگز کيڏيون.
2017-18ع ڀونيشور ڪمار جي ڪيريئر جو عروج هو.
هن ڀارت کي ڪيترن ئي سيريز ۾ فتح ڏياري خاص طور تي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف پر پوءِ جلد ئي انجريز جو سلسلو شروع ٿيو.
سندس جسماني فٽنيس ايتري مضبوط نه هئي جو هو مستقل تيز بالنگ ڪري سگهي.
سندس رفتار 135 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ نه هئي ۽ جڏهن مٿس رفتار وڌائڻ لاءِ زور وڌو ويو ته سندس فطري سوئنگ متاثر ٿيڻ لڳي.
2020ع کان پوءِ نوان تيز بالر جهڙوڪ محمد سراج ۽ ارشديپ سنگهہ منظر تي آيا ۽ ڀونيشور ڪمار هوريان ھوريان غائب ٿي ويو.
هاڻ هو گهڻو ڪري گهرو ڪرڪيٽ يا انڊين پريميئر ليگ تائين محدود ٿي چڪو آهي پر ڪرڪيٽ جا عاشق اڄ بہ سندس شروعاتي دور کي ياد ڪن ٿا، جتي هو نئين بال سان دنيا جي بهترين بيٽرز کي بہ بيوس بڻائي ڇڏيندو هو.
ساڳئي ئي وقت ڀونيشور کانپوءِ ارشديپ بہ اھڙو ئي بالر آھي جيڪو ڀارت لاءِ مختصر فارميٽ ۾ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيو آھي ۽ ٻن ورهين دؤران ھو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ڀارت لاءِ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر جو اعزاز ماڻي چڪو آھي.
ڀونيشور جي اھا خاصيت ھوندي ھئي تہ ھو اسڪور ڪارڊ اوپن ٿيڻ کان اڳ بيٽرن جو کاتو ڪلوز ڪري ڇڏيندو ھيو ۽ ارشديپ بہ ايئن ئي ڪري رھيو آھي، جيتوڻيڪ ھن ڀارت لاءِ اڃا مختصر فارميٽ ۾ ئي پرفارم ڪيو آھي پر ھو اھڙو بالر آھي جنهن کي مخصوص فارميٽ ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي، ھن کي پنهنجي شاندار شروعات کي ڪامياب ڪيريئر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهہ ڪرڻو آھي…