ڀوائتا مينهن

0
39
ڀوائتا-مينهن

 پاڪسان ۽ هندستان جي اولهه ۽ عرب رياستن جي اوڀر ۾ وچ وارو سامونڊي علائقو عربي سمنڊ سڏائي ٿو. هندستان جي اوڀر ۽ بنگلاديش ، برما ، ٿائيلينڊ وغيره جي اولهه ۾ ايندڙ سامونڊي علائقي کي خليج بنگال سڏجي ٿو. زمين تي هوا جي چرپر جو سبب دنيا تي موجود سمنڊ ٿيندا آهن ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ جون کان آگسٽ تائين سخت گرميون ٿينديون آهن

                 سائنسي لحاظ کان گرم هوائون زمين کان اڀ ڏانهن اٿن ٿيون ۽ پر ڀريون ٿڌيون هوائون اچي اها جاءِ والارينديون آهن. سمنڊ مٿان گذرندڙ هوائون جيئن ته گھميل هونديون آهن يعني پاڻ سان گڏ پاڻي به کنيل هوندو اٿن اهي هوائون اسان جي علائقن ۾ عربي سمنڊ مٿان هلندي خليج بنگال مٿان پنهنجو سفر ڪندي اتر اوڀر ۾ هماليا جبل جي قطار سان ٽڪرائجن ٿيون ، هماليا جبل ڇو ته برف سان ڍڪيل هوندو آهي ان ڪري اهي هوائون ٿڌيون ٿي هندستان ۽ پاڪستان جي انهن گرم علائقن ڏانهن رخ ڪن ٿيون  ۽ وسڪاري جو سبب بڻجن ٿيون. چوماسي جون سڏجندڙ هي هوائون جن کي عربي ۾ مون سون سڏجي ٿو خليج بنگال جي چو طرف ملڪن ۾ هلنديون رهنديون آهن.

 هي هوائون ڇهه مهينا ڏکڻ کان اتر طرف ۽ ڇهه مهينا سياري جي موسم ۾ اتر کان ڏکڻ طرف هلنديون آهن. ريجن ۾ ايندڙ ملڪن ۾ مينهن جو سبب ٿينديون آهن جنهن سان هندستان ۽ پاڪستان جا درياهه وهندا رهن ٿا . ايشيا کنڊ جي اوڀر ۽ آمريڪا کنڊ جي اولهه ۾ واقع وڏي سمنڊ کي پئسفڪ  سمنڊ چيو ويندو آهي. ماهرن جي چوڻ مطابق هن سال قدرتي طرح پئسفڪ سمنڊ ۾ لينينو نالي اهڙيون هوائون هلنديون رهيون جن خليج بنگال کان اٿندڙ مون سون هوائن کي ان طرف وڌڻ کان روڪي رکيو ۽ انهن هوائن ڦري اچي سنڌ ، بلوچستان تي وسڻ  شروع ڪيو. وسڻ ڇا ٻوڙان  ٻوڙ لائي ڏني! سنڌ ۾ ! هن برساتن جو وڏو نشانو ضلعو نوشهروفيروز رهيو ۽ رڪارڊ 1800 ملي ميٽر وسيل مينهن جي پاڻي کي منهن ڏنو. تقريبن 70 ڏينھن وسيل هن برسات جو  گھٽ ۾ گھٽ پوين 50  سالن ۾ به مثال نه ٿو ملي .

سنڌ جا ميداني علائقا جيڪي اڪثر پوکي هيٺ رهن ٿا انهن ۾ هيڏي برسات کي منهن ڏيڻ جي گنجائش ئي نھ آهي ۽ اهو منظر پنهنجي اکين سان ڏسي به رهيا آهيون . نهري نظام ۽ روڊ رستن جي هوندي مينهن جو پاڻي ڪاڏي نيڪال ئي ڪونه پيو ٿئي ۽ زرعي زمنيون ٻه ٻه ٽي ٽي فٽ پاڻي سان ڀريون بيٺيون آهن ۽ اتي پوکيل وونئڻن جو فصل ، فصل ڏيڻ کان اڳي سڪي ختم ٿي ويو آهي هاڻي به ٻن مينهن تائين جيڪڏهن اهو پاڻي نه ٿو سڪي ته شايد ڪڻڪ جي پوکي به ڏکي ٿي پوي . ڪڻڪ جيڪا انسان ۽ جانورن جي خوراڪ جو هڪ ئي وقت فصل آهي نه ٿيڻ جي صورت ۾ حقيقي بحران شروع ٿيندو ان لاءِ ضروري آهي ته زمينن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جو سرڪاري سطح تي نيڪالي جو بندوبست ٿئي .

هونئن ته ڪلاس ۾  شاگردن کي انسان جون بنيادي ضرورتون گھر ، پوشاڪ ۽ خوراڪ تي ليڪچر به ڏنا آهن پر عملي طرح گھر جي اهميت هنن مينهن ڏياري. ٻهراڙي ۾ ماڻهن جي  ٺهرايل ڪچن گھر لاءِ هي برسات ته ڄڻ“ شوٽ ٽو ڪل” جو آرڊر کڻي پهتل هئي. جبل مٿي پيل برف جيان ڪچيون جايون ڳرندي ۽ ڪرندي ڏٺيونسين ماڻهو ويچارا عورتون ٻار ۽ مال وٺي روڊ ڪنارن ، شاخن ۽ واهن جي ڪپن تي اچي ويهي رهيا ٿورن کي سرڪاري عمارتن جي ڇت نصيب ٿي باقي ويچارا کليل آسمان هيٺ ڏينهن جو ڦڙ ڦڙ ته راتين جي مڇرن جي آزار کي منهن ڏيڻ لڳا . اسان جي عمر برابر پهريان ڪاهيون ويندڙ ڪچيون سرون جيڪي پاڻي واريون سرون سڏبيون هيون ، ڦٽ جي ٺهيل هي سر اڄوڪي پڪل سر برابر مضبوطي رکندڙ هئي انهن سر مان ٺهيل مني صدي عمر رکندڙ جڳهون به هيلوڪي مينهن جي سٽ سهي نه سگھيون ۽ زخمي ٿي پيون ، حالانڪھ انهن عمارتن تي مينهن ته هر سال پوندا رهيا آهن. گھر جنهن ۾ سوئي کان ڪمپيوٽر تائين هر شيءَ رکجي ٿي ڀري پوڻ جي صورت ۾ ڇا ٿئي واري تصور نهوڙي ڇڏيو ! سڄي جهان جيان رب کان معافي ۽ امن گھرندا رهياسون ۽ گهرندا رهون ٿا.

مينهوڳي جي اهڙي ماحول ۾ جيڪي زندهه ڪردار رهيا انهن ۾ هاري ناري پوکن ۾ بيٺل چيلهه کان مٿي پاڻي ۾ پير پائي مال متاع لاءِ چارو هٿ ڪندا ٿي وتا جنهن ڪري ٻارن ، ٻڍن لاءِ کير موجود رهيو ٿي. ڀاڄين جا دوڪاندار بصر پٽاٽو ئي سهي ماڻهن لاءِ موجود ڪيون ويٺا رهيا، گاڏين جا ڊرائيور پُسندا گاڏيون هلائيندا انساني ضرورت جو سامان بازارن تائين پهچائيندا رهيا، چڪي مالڪ ان پيهڻ واريون مشينون هلائيندا رهيا ته  جيئن گھرن ۾ ماني موجود ٿي سگھي ،

دايا وهٽن سوڌو ڪريل جاين جو ٺيڪراٽ هٽائڻ ۽ نئين تعميرات لاءِ سرن ، بجري جي ڍوئي شروع ڪري ڏني . جڳهون ٺاهيندڙ رازا ڪاريگر ۽ مزدور جهريل جڳهن  جي مرمت ۽ ڪريل ڀتين جي ٻيهر اڏاوت لاءِ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي . عام زندگي ۾ مٿين ڪردارن ڏانهن گھٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي پر حقيقت ڏسجي ٿي ته معاشري جا اهي زندهه ۽ اهم ڪردار آهن جن جو هر ايندڙ دور ۾ هجڻ ضروري آهي کين روز مره جي زندگي ۾ مان اهميت ڏيڻ معاشري تي لازم ٿئي ٿو .