قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد لڳ مرزا پور ٿاڻي جي حد ديھه ٻنڀائي ۾ نواب ولي محمد سانحي ۾ 2 سال اڳ زمين جي مالڪي واري تڪرار تي هٿياربندن هٿان سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪيل ڀنڊ برادري جي پنج مقتولن جي وارثن کي سرڪاري طور مليل 390 ايڪڙ زمين تي سندن ئي ڀنڊ برادري جي ماڻهن پاران مُبينا ٻيهر قبضو ڪرڻ خلاف ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر شروع ٿي وئي آھي مقتولن جي وارثن پاران ٻيھر خونريزي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آھي، مرزا پور ٿاڻي جي حد ۾ ديھه ٻنڀائي جي مقتولن جي وارثن روشن علي ڀنڊ، رضا محمد ڀنڊ ۽ ابن ڀنڊ نواب ولي محمد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي مُبينا الزام هڻندي چيو سندن ئي برادري جي ماڻهو الھه بخش ڀنڊ ۽ ٻين زرداري ڌر جي چُرچ تي هٿيارن جي زور تي نواب ولي محمد سانحي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل مقتولن جي وارثن معصوم ڀنڊ ۽ روشن علي ڀنڊ جي زمين تي ھٿيار بند ماڻهن جي مدد سان ٻيهر قبضو ڪري زبردستي ٽريڪٽر تي هر ڪاهي، وري خوني تڪرار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو اڳ ۾ به هن ماڻهو سب انسپيڪٽر عبدالحميد کوسو سميت ڀنڊ برادري جا پنج ماڻهو قتل ۽ ڏھ کان مٿي ماڻهو زخمي ڪرايا آهن، ان جي اهڙي عمل خلاف ايس ايس پي نواب شاهه ۽ ٻين اعلي اختيارين کي آگاھ ڪيو آهي هنن سپريم ڪورٽ، نگران وزير اعظم،وزير اعلي سنڌ،گهرو وزير، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نواب شاهه کان مطالبو ڪيو ته قبضا خور خوني ماڻهو الھ بخش ڀنڊ کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف مرزاپور ٿاڻي تي ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ واسي روشن ڀنڊ جي فرياد تي الھ بخش ڀنڊ الھ جڙيو ڀنڊ بخشڻ ڀنڊ اختر ڀنڊ اعجاز ڀنڊ احسان ڀنڊ نسار ڀنڊ بھار ڀنڊ يوسف ڀنڊ الھ بچايو ڀنڊ اصغر ڀنڊ صدام ڀنڊ حاجي نواز ڀنڊ صابر حسين ڀنڊ زاهد حسين ڀنڊ سجاد ڀنڊ فياض ڀنڊ مير حسن ڀنڊ محبوب ڀنڊ ارشد ڀنڊ فداحسين ڀنڊ فھد ملاح صوف شيخ سميت 30 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته مذڪوره جوابدارن اسان جي زمين تي ٽريڪٽر جا هر ڪاهي قبضو ڪري ڇڏيو آھي روڪڻ تي فائرنگ ڪري خوف حراس پکيڙيو ويو ۽ موت مار ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آھن، ٻئي پاسي زمين تي مبينا قبضي ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل ڳوٺ حاجي اسماعيل ڀنڊ جي چڱي مڙس الھه بخش ڀنڊ چيو آھي ته اسان مٿان الزام ڪوڙو آھي مذڪوره زمين نواب ولي محمد سانحي جي مقتولن جي وارثن جي ناهي 390 ايڪڙ زمين ۾ شامل ئي ناهي ڄاڻايل زمين 58 سالن کان بھادر ڀنڊ انسار ڀنڊ ۽ اصغر ڀنڊ جي قبضي هيٺ رهي آھي الزام بيبنياد آھي ڪيس ۾ اهڙن ڳوٺاڻن جا نالا ڏنا ويا آھن جڪي مزدوري سبب ڪراچي ۾ ترسيل آھن عدالتن مان انصاف جي اميد آھي.