ملير (رپورٽر ) ملير ويجهو سامونڊي ٻيٽ ڀنڊار ۾ لڳل ميلو گهمي واپس ايندڙن جي ٻيڙي سان حادثو: 6 ڄڻا ٻڏي ويا،4 ڄڻن کي بچايو ويو،2 ڀائر فوت ،ان ڏس ۾ ڀنڊار ٻيٽ ۾ لڳل يوسف شاهه جي ميلي مان موٽندڙ ريڙهي واسين جي ٻيڙي سمنڊ ۾ ٻڏڻ سبب 6 ڄڻا حماد، پرويز، وقاص، علي محمد، نبيل ۽ سمير ٻڏي ويا، اطلاع تي مهاڻن پهچي 4 ڄڻن حماد، پرويز، وقاص ۽ علي محمد کي بچائي ورتو، جڏھن ته هڪ نوجوان نبيل جو لاش هٿ آيو، سندس ٻڏي ويل ڀاءُ سمير جي مقامي مهاڻن ۽ ريسڪيو ٽيمن پاران ڳولا جاري ھئي، ان سلسلي ۾ ماهيگير سماجي سنگت جي چيئرمين يونس خاصخيلي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٻيڙي سوارن جو تعلق ريڙھي جي علائقي سان آھي، جيڪي ڀنڊار تي لڳل يوسف شاھ جو ميلو گهمي واپس اچي رهيا هئا ته رستو ڀلجي ويا، اونداهي سبب پورٽ قاسم جي چينل جي پراڻي روم سان ٽڪر ائجڻ سبب سندن ٻيڙي ٻڏي وئي، هن چيو ته ٻنهي فوتي ڀائرن جو تعلق ڪورنگي سان آھي.