ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيني شهرين کي رهائش فراهم ڪندڙ هوٽل مينيجر کي پوليس پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي انسپيڪٽر آغا معشوق علي کي 14 مئي تي حلف نامي سان گڏ طلب ڪري ورتو، پٽيشنر  موب آغا معشوق علي گذريل سال اپريل ۾ پريڊي ٿاڻي ۾ مقرر ٿيل هو، هن  خانگي هوٽل جي مالڪ کي  ٿاڻي تي گهرائي ڪري بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، درخواستگذار کي ايس ايڇ او چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ چيني شهرين کي رهائش فراهم ڪئي  ته ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻڌڻي دوران پوليس پنهنجي جواب م چيو پوليس درخواستگذار کي هراسان ناهي ڪيو  ۽ نه ئي وري مستقبل ۾ هراسان ڪندي، ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر راجپوت چيو ته جيڪڏهن 10 فرشتا آسمان مان لهي اچي چون ته پاڪستاني پوليس هراسان ناهي ڪندي، عدالت انهن تي يقين نه ڪندي،  پوليس جون ڪارروايون اهڙيون آهن جو انهن تي يقين ڪرڻ مشڪل آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته ايس ايڇ او جو بيان رڪارڊ تي آهي، هو چوي ٿو ته هن هوٽل مينيجر کي صرف ملاقات لاءِ سڏايو هو، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته پوليس يا انٽيليجنس آفيسر هوٽلن ۾ وڃي ڪنهن به شخص جو پاسپورٽ يا رڪارڊ چيڪ ڪري سگهن ٿا، جنهن ۾ چيني به شامل آهن, جسٽس ظفر راجپوت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هوٽل  مينيجرن کي ٿاڻي تي سڏڻ ۽ لاڪپ جي ڌمڪي ڏيڻ  ڪٿان جو قانون آهي؟  پوليس جو ڪم شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي، اهي ئي وري شهرين کي هراسان ڪن ٿا، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته پوليس کي پرواهه ناهي ته سندن ڪاررواين سبب ڪنهن جو ڪاروبار تباھ ٿئي ٿو يا ڪنهن جي عزت برباد  ٿئي ٿي،