ڀلي منهنجي خلاف جاچ ڪئي وڃي، ڊڄڻ واري نه آهيان: حريم شاهه

0
90
ڀلي منهنجي خلاف جاچ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مشهور ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه جو چوڻ آهي ته منهنجي خلاف ڀلي ڪيتري به جاچ ڪئي وڃي، مان جاچ کان ڊڄڻ واري ناهيان

وڊيو پيغام ۾ حريم جو چوڻ هو ته جڏهن اسان پاڪستاني پئسو ڊالرن ۾ تبديل ڪرائيندا آهيون ته ٻيهر روئڻ ايندو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي ووٽ ڏنو ته هن اسان کي اميد ڏني ته پاسپورٽ ۽ پاڪستاني ڪرنسي جي اهميت سندس دور ۾ تمام گهڻي وڌي ويندي

مشهور ٽِڪ ٽاڪر چيو ته عمران خان کان مايوس ٿي ويا آهيون، پر اڃان به اميد آهي ته ڪو اهڙو وزيراعظم اچي جيڪو پاڪستان کي ترقي جي بلندين تي وٺي ويندو

هن چيو ته جيڪڏهن اسان بنا تحقيق جي هڪ ٻئي جي پٺيان لڳا رهياسين ۽ تحقيق کانسواءِ هڪ ٻئي جا پير ڇڪيندا رهياسين ته ڪڏهن به اڳتي نه وڌي سگهنداسين، ۽ جيتريقدر ادارن جي تحقيق جي ڳالهه آهي ته بيشڪ جاچ ڪئي وڃي، مان گهٻرائڻ واري نه آهيان ۽ سڀ شيون واضح ٿي وينديون

واضح رهي ته حريم شاهه برطانيا رقم منتقل ڪرڻ جي دعويٰ کانپوءِ ايف آءِ اي جي حرڪت ۾ اچڻ کانپوءِ ٽڪ ٽڪر پنهنجو بيان واپس وٺي ڇڏيو هو

حريم شاهه جي وڏي رقم واري وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ هن لڳاتار وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيا ۽ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ ساڻس گڏ موجود شخص انڪشاف ڪيو ته حريم شاهه جي وڊيو جيڪا رقم مون وٽ آهي، اها سڀ رقم هن جي آهي ۽ اهي پئسا مٽائيندڙ جو ڪم ڪندو آهي ۽ پئسو قانوني آهي