ڀلي آئين درياھ شاھ

0
27
ڀلي آئين درياھ شاھ

ھن دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ قومون آھن، ھر قوم جي پنھنجي ٻولي، تاريخ، تھذيب ۽ مزاج آھي. جيئن ته سنڌي قوم تي صوفي مت جو اثر آھي، تنھن ڪري اھا ڪجھ ٿڌيري آھي. پر جيڪڏھن ڪو ڏکيو وقت ايندو آھي ته ان جو جوش جوالا بڻجي ويندو آھي. ھر عورت ۽ مرد آڳ اُلا ٿي ويندو آھي. ھر دودا دولھ ٿي ميدان تي ڪڏي پوندا آھن. ويجھي ماضي ۾ ان جو ثبوت ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي واري تحريڪ آھي. ھينئر سنڌو درياھ جي بچاءُ واري جيڪا تحريڪ شروع ٿي آھي، سا ھڪ مثالي ۽ تاريخي تحريڪ آھي. مرحوم نياز ھمايوني ڪنھن زماني ۾ ھڪ نظم لکيو ھو، جنھن جو عنوان آھي، “سنڌ جاڳي پئي”. واقعي اڄ سنڌ جاڳي پئي. اڄ سنڌ وارن جي سنڌو درياھ سان محبت، “مئي متي مھراڻ ۽ دھشت دم درياھ” وارو منظر نظر اچي رھي آھي. سنڌين پنھنجي دادلي درياھه جي اھڙي ڀليڪار ڪئي آھي، جيڪا ھنن اڳ ڪڏھن به نه ڪئي ھئي.

                 ھينئر ھن ڀلاري ڀونءِ جا ڀاڳيا اھڙا تي جاڳيا آھن، جو جتي ڪٿي دمادم مست قلندر جي ڌم لڳي پئي آھي. خوشي جي ڳالھ آھي ته، پيپلز پارٽي پارٽي به وڏي جوش ۽ جذبي سان ھن تحريڪ ۾ شامل ٿي وئي آھي. فارسي واري چيو آھي:

ھرچہ دانا ڪُند، ڪُند نادان

و ليڪن بعد از خواريءِ بسيار

(يعني جيڪو ڪم داناءُ ڪري ٿو، سو نادان به ڪري ٿو پر گھڻي خواريءَ کان پوءِ ڪري ٿو). سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي، “ڀُلي ڀُلي ڀاڻِ آئي، سا به ڄڻ نه ڀُلي”. بيشڪ سياسي محاذ تي سنڌي وڏاندري ويڙھ وڙھي رھيا آھن، ھينئر ضروري آھي ته، ادبي محاذ تي به ڪم ڪرڻ گھرجي، اھو اديبن تي فرض ۽ قرض آھي. سنڌو درياھ بابت جيڪا به شاعري آھي، سا ڪٺي ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي وڃي ۽ سنڌو درياھ بابت ڇپيل سمورا مقالا ۽ مضمون گڏ ڪري ڪتاب ڇپرايو وڃي. منھنجي پياري دوست عطا محمد ڀنڀري سنڌو درياھ متعلق انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ھئا، جيڪي مختلف ادارن ڇپرايا ھئا، سي اڄ مارڪيٽ ۾ موجود نه آھن، سي ٻيھر ڇپرايا وڃن. بدر ابڙي جو ڪتاب، ‘سنڌو جو سفر’ ھڪ شاھڪار آھي، ان جو نئون ڇاپو ڇپرايو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل کي سنڌو درياھ بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ٿي سگھي. اھڙي ريت سنڌي نصاب ۾ ستين ڪلاس کان ٻارھين ڪلاس تائين درياھ بابت مضمون ۽ شاعري شامل ڪئي وڃي.

انگريزن سنڌ تي حڪومت دوران آبپاشي نظام کي بھتر بنائڻ لاءِ بيراج اڏي ڪئنال ٺھرايا ۽ سنڌو درياھ تي ڪتاب لکرايا. انگريزن کي اڄ به سنڌو درياھ ياد آھي. ھنن سنڌو درياھ کي نه وساريو آھي، سنڌو درياھ تي لنڊن ۾ عالمي ڪانفرنسون ٿينديون رھيون آھن پر ھتي سنڌ ۾ اڪثر فضول ڪانفرنسون ۽ بي لاڀ ميلا لڳندا رھن ٿا. ڪجھ مھينا اڳ پاڪستان آرٽس ڪائونسل، جنھن کي سنڌ حڪومت ڪروڙين رپيا گرانٽ ڏئي ٿي، انھن مختلف ملڪن جا فنڪار گھرايا ھئا، ڪيترائي ڏينھن اھو ميلو ھلندو رھيو، مختلف ملڪن جا فنڪار اسٽيج تي نچندا ڪُـڏندا ۽ ھوڪرا ڪندا رھيا ۽ ‘بچه لوگ’ تاڙيون وڄائيندا رھيا، ھڙ حاصل ڇا ٿيو؟ ڪيترا پئسا خرچ ٿيا؟

“گِدُو چئي غيب جي خاوند کي خبر”

آخري ڏينھن تي فنڪارن جي وڏي تعريف ڪئي وئي، تنظيمن کي مبارڪون ڏنيون ويون، اھو پڻ اعلان ڪيو ويو ته، اهڙا ميلا ھر سال لڳرايا ويندا ۽ هر ڀيري اڃان وڌيڪ فنڪار گُھرايا ويندا. اھو ٻڌي مونکي مير علي نواز ناز جو ھڪ واقعو ياد اچي ويو. مير صاحب ۽ بالي جو عشق مشھور آھي. ھڪ ڀيري ھوءَ مير صاحب کان رُسي لاھور ھلي وئي. مير صاحب سندس جدائيءَ ۾ ڪافيون ۽ ڪلام ٺاھي ڳائڻ شروع ڪيو. ڳائڻ کان پوءِ پنھنجي دربارين کان پڇندو ھو، “ڪيوين”؟ ظاھر آھي درباري سندس راڳ جي حد کان وڌيڪ تعريف ڪندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن شادي شھيد مير صاحب سان ملڻ ويندو ھو. ھو ھڪ ڀيري مير صاحب وٽ ويو ۽ ان محل مير صاحب ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ ڳائڻ کانپوءِ مير صاحب حسبِ معمول دربارين کان پڇيو “ڪيوين”؟ سڀني بي انتھا تعريف ڪئي. شادي شھيد مير صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو، “اجازت ھووي ته مين ڪجھ عرض ڪران”. مير صاحب کيس اجازت ڏني. شادي شھيد ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: “الله دا نانءُ اي آئندہ نه ڳائيندا ڪر، ڳائيندا تون ھين، لڄي اسان ٿيندي ھون”.

پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي انتظاميا کي عرض آھي ته الله جو نالو اٿوَ، آئندہ ٻاھران فنڪار نه گھرايو، خلق نه کلايو، پنھنجن غريب مسڪين فنڪارن جي سار سنڀال لھو، جيڪي بکن ۽ بيمارين ۾ لُڇي، ڦٿڪي رھيا آھن. ايندڙ سال سنڌو درياھ تي عالمي ڪانفرنس ڪوٺايو. سنڌو درياھ نه فقط انسانن پر سڀني ساھ وارن جو  جياپو آھي ۽ ثقافتن جو سرچشمو آھي، ان جو اوھان تي حق آھي.

آخر ۾ عرض آھي ته سنڌو درياھ واري بي مثال تحريڪ کي ڏسي مون کي مڪمل يقين ٿي ويو آھي ته اھا ضرور ڪامياب ٿيندي، ڪئنال رد ٿي ويندا. جڏھن اھڙو اعلان ٿئي ته سڄي سنڌ ۾ جشن ملھايو وڃي. جيئن سنڌ جي بمبئي کان آزادي کان پوءِ روزاني “الوحيد” سنڌ آزاد نمبر شايع ڪيو ھو، جيڪو ھڪ تاريخي دستاويز آھي، تيئن سنڌ جي سڀني روزاني اخبارن پاران ان خوشي جي موقعي تي اسپيشل ايڊيشن شايع ڪيا وڃن. ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته، ھن تحريڪ کي زور وٺرائڻ ۾ سنڌي پريس جو اھم رول آھي، تنھن ڪري مونکي اميد نه پر يقين آھي ته اخبارن جا اسپيشل ايڊيشن ضرور شايع ٿيندا. اميد ته سنڌي رسالا به پاڻ ملھائيندا. اچو ته ھڪ ڀيرو ٻيھر دادلي درياھ جي دل سان آجيان ڪريون.

“ڀلي آئين درياھ شاھ”!