سنڌڙي(ن پ ا) “کلندا هي پر ملندا نهين جهڙي سٽن جو  خالق ۽ ساڪون يار مناوڻا هي” ڪتاب جو ليکڪ ۽ سنڌڙي جو ڀلوڙ شاعر ٻڍل لاشاري ڪينسر سان جهيڙيندي نيٺ زندگي جي جنگ ھارائي ويو، سندس نماز جنازا اباڻي ڳوٺ شاهه بخش لاشاري ۾ ادا ڪئي وئي، سندس نماز جناز ۾ انيل گل جوڻيجو، مصري خان جوڻيجو، نزاڪت ميرجت   گسٽا اڳواڻ گل حسن لاشاري، غلام فاروق بروهي، ڌڻي پرتو خاصخيلي، رئيس مهر علي لاشاري، جميل لاشاري، اسد شر، فقير محمد بخش مهر، روشن محمود مهر سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ م شرڪت ڪئي،  مرحوم کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ڀاڻو فقير مٽي ماءُ حوالي ڪيو  جڏهن شاعر ٻڍل لاشاري جي آخري رسمن ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندن توڙي سرڪاري عملدارن شرڪت نه ڪئي، شاعر ٻڍل لاشاري سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌڙي جو بنيادي ميمبر هو، شاهه لطيف جو پارکو پڻ هيو، استاد ٻڍل لاشاري ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ پڻ هو.