ڀرياسٽي( ن پ ا)  ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ پير ماھي تي نامعلوم ڪار سوارن جي ٽڪر سبب 12 ورهين جو نينگر انصار پٽ منٺار ڪلهوڙو چڀاٽجي فوت ٿي ويو. حادثو اڄ صبح جو پيش آيو، جتي نينگر جو لاش ڳوٺ ڀرسان مليو. نينگر جي والد منٺار ڪلھوڙو ٻڌايو ته انصار ڪالهه رات مائٽن جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جڏهن ته صبح سندس چيڀاٽيل لاش ڳوٺ جي ويجهو مليو آهي ڀرياسٽي. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر ڀرياسٽي منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ تصديق ڪئي وئي جڏھن ته لاش گهر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو ٻي پاسي ڀرياسٽي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان کي نامعلوم ڪار ٽڪر ھڻي فرار ٿي آهي واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيو، جڏهن ته نامعلوم ڪار سوارن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جو ماحول ڇانئجي ويو آهي.