ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ويجھو شاھ ڪاٽن فيڪٽري لڳ محمد خان سولنگي جي ورسي جي موقعي تي سندس پٽن اڪرم سولنگي ۽ عطا حسين سولنگي ۽ انور سولنگي پاران 25 کان وڌيڪ ڏاندن جي جوڙن ۾ گوءِ جا مقابلا ڪرايا ويا، مقابلي ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ڪنڊيارو، سانگھڙ، سکر، خيرپور، نارو، گمبٽ، منگو، ھالاڻي، نوشھروفيروز، دادو، مٺياڻي، ٺاروشاھ سميت ٻين ڳوٺن کان ڀاڳيا ڀلوڙ ڏاندن جا جوڙا کڻي پھتا، گوءِ واري ھنڌ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ھزارن جي تعداد ۾ ڏاندن جا شوقين توڙي ڀاڳيا پھتا، ڏاندن جي گوءِ دوران ڀاڳين ۽ شوقينن پاران خوب داد ڏنو ويو، ان موقعي تي ڀاڳين، شوقينن، شھرين ۽ ڳوٺاڻن روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڏاندن جي گوءِ سنڌ ڌرتي جي ثقافت آھي، جيڪا ختم ٿي وئي آھي، اڳي ھر ھاري ۽ آبادگار وٽ سٺن ڏاندن جا جوڙا ھوندا ھيا، ھاڻي ورلي ڏاندن جا جوڙا آھن، ھنن سنڌ حڪومت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کان گھر ڪئي ته ڏاندن جا نسل سنڌ مان ختم تي رھيا آھن، ڏاندن جي واڌ ويجھه لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن ۽ صحتمند سرگرميون ڏاندن جي گوءِ جا مقابلا ڪرايا وڃن ته جيئين ڀاڳين ۾ شوق پيدا ٿئي ۽ ڏاندن جا ڀلوڙ نسل بچي سگھن.