ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ محبت خان چانڊيو جي رھواسي نينگر حافظ شاھد چانڊيو سان مبينا طور مدرسي جي سنڀاليندڙ ثناءُ الله چانڊيو ۽ يونس چانڊيو پاران پسٽل جي زور تي مدرسي اندر مبينا بدفعلي ڪئي آھي، متاثر نينگر جي چاچي ميان داد چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجو ڀائٽيو گذريل ٽن سالن کان مدرسه مظھر العلوم فاروقيه جي سنڀاليندڙ ثناءُ الله چانڊيو پسٽل ڏيکاري ساڻس بدفعلي ڪئي آھي، ھن ٻڌايو ته ڳوٺ جي مدرسي ۾ اسان جون نياڻيون پڻ پڙھن ٿيون، اھڙي رپورٽ نوشھروفيروز ٿاڻي تي ڪرائڻ وياسين پر پوليس ھڪ به نه ٻڌي، ھن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آھي.