ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ڀرسان نلڪي جو ڳن چوري ڪرڻ جي الزام ۾ نوجوان تي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ وارو معاملو، 2 جوابدار گرفتار نه ٿيا، عدالت مان ضمانت منظور، گرفتار 3 ڄڻا آزاد، خبر موجب گذريل ڏينھن ڳوٺ گل محمد بلر ۾ بااثر وڏيري رمضان بلر پاران نلڪي جو ڳن چوري ڪرڻ جي الزام ۾ نوجوان نسيم لوھاچ کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو هو ۽ چٺ ۾ پاڻي پياري تذليل ڪئي هئي، ڪالهه روپوش ڄاڻايل 2 ڄڻن ۽ گرفتار 3 جوابدارن جاويد بلر، ساجد بلر ۽ سيفل بلر پاران وڪيل امر امتياز ميمڻ معرفت سيشن عدالت نوشھروفيروز ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن تي عدالت 20 – 20 ھزار رپين عيوض سمورن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، جنهن بعد گرفتار ٽنھي جوابدارن کي ڀرياسٽي ٿاڻي تان آزاد ڪيو ويو.

نوجوان جي ڀينرن جو احتجاج، مخالفن تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ الزام

ڀريا سٽي: تذليل جو نشانو بڻيل نوجوان نسيم لوھاچ جي ڀينرن رضيا، زبيدهه، عاصما ۽ صنم لوھاچ سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن ڀاءُ تي بنا جواز وحشياڻو تشدد ڪري سندس تذليل ڪئي وئي، ھو مسلسل ذھني اذيت جو شڪار آھي ۽ گھر  ڇڏي ويو آھي، هنن چيو ته بااثر جوابدار راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته ملوث سمورن جوابدارن خلاف شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

تشدد ۾ ملوث ناهيون، مخالف اجايا الزام هڻي رهيا آهن: جوابدار زاهد بلر

ڀرياسٽي: ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿيل جوابدار زاھد بلر  ٻڌايو ته اسان تي الزام بي بنياد آھن، وڊيو ۾ اسان ڀائرن سميت ڪير  به نظر نٿو اچي پر ان جي باوجود سڀني خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ھن الزام ھڻندي چيو ته برادري وارن جو پاڻ ۾ گھرو معاملي تان تڪرار ھلندڙ آھي، مخالفن ھٿ وٺي اسان مٿان ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن، هن چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.